2 مئي تي نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سنڌ جام ڪبي: صنعان قريشي
اپريل 28, 2025
ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته 2 مئي تي ڪئنالن کي رد جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سڄي سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين، پنهنجي وڊيو بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته جسقم ڪارڪن ۽ سنڌي قوم کي چوندس ته 2 مئي تائين نوٽيفڪيشن جو انتظار ڪيو وڃي، جسقم ڪارڪن پرامن رهن ۽ ايندڙ فيصلي تائين ڪنهن جي به رستا روڪ نه ڪئي وڃي، ڪئنالن واري جدوجهد کي وڌ کان وڌ پرامن رکيو وڃي، اسان پرامن سياسي جدوجهد ذريعي ئي ڪئنالن کي رد ڪرائينداسين.