ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن: ٻن هفتن ۾ 8 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ: ڪچو خالي ڪرائڻ جا اعلان

آڪٽوبر 28, 2024

خانپور (رپورٽ: عاصم دايو) خانپور جي ڪچي واري علائقي ڳڙھي تيغو ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري، ٻن هفتن ۾ 8 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ، عام ماڻهن کي ڪچو خالي ڪرڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو  ڌاڙيلن خلاف ٻن هفتن کان گڏيل آپريشن جاري آهي، پوليس موجب ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقن ۾ مسجدن،  سوشل ميڊيا  ۽ ٻين پليٽ فارم ذريعي اعلان ڪرايا ويا آهن ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف بيحرم آپريشن ڪيو پيو وڃي، جيڪي عام شھري ۽ ڳوٺاڻا آھن اهي  ڪچي وارا علائقا ڇڏي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن،شڪارپور پوليس دعويٰ ڪئي  آهي ته گذريل ٻن ھفتن دوران ڪچي ۾ ڪيل آپريشن ۾ 2 انعام يافته ڌاڙيلن سميت 8 ڏوھاري ماريا ويا آھن، جڏھن ته 42 کان وڌيڪ زخمي ڪيا ويا آھن، ڏوھارين جا 11 سھولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن،  32 ڪيسن ۾ گھربل بدنام ڏوھاري کي به گرفتار ڪيو ويو آھي،  ايس ايس پي شڪارپور موجب ڏوھاري معصوم ٻارن، شادي بھاني، ۽ سستيون شيون خريد ڪري ڏيڻ بھاني ماڻهن کي ڪچي گھرائي اغوا ڪندا آھن، جوابدار قومي شاهراهن توڙي روڊن تي ڦرلٽ ۽ ماڻهن کي قتل ڪن ٿا، پوليس ڪچي  ۾ آپريشن ڪري تيغاڻين جي مضبوط گينگ کي ختم ڪيو آھي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو به گهربل جوابدار ڏوهي دنيا کي الوداع چئي قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهي ٿوته انهن جي لاءِ در کليل آهن

چڪ ۾ به اغوا وارداتن ۽ بدامني خلاف شهري نڪري آيا، ڌرڻو

چڪ:  شڪارپور ۾ معصوم ٻارن جي اغوا واقعي ۽ بدامني خلاف چڪ شهر ۾ سماجي ڌرين پاران پنج گهٽي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ سماجي ورڪر شائستا بلوچ،  عبدالغني ڀيو، سليم الله مهر، ولي محمد ڀيو ۽ٻين به شرڪت ڪئي، اڳواڻن  مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي

مزدوري لاءِ اسلام آباد کان ٿائلينڊ ويندڙ شهري اغوا

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد کان مزدوري لاءِ ٿائلينڊ ويندڙ پاڪستاني شهري حماد الرحمان کي اغوا ڪيو ويو، بازيابي لاءِ وارثن کان ڀنگ گهريو ويو، سندس والد چيو ته ايئرپورٽ تان پٽ کي اغوا ڪيو ويو، حڪومت بازيابي لاءِ مدد ڪري، اغوا ڪندڙن کيس برما بارڊر تي رکيو آهي، جتي ٻيا مغوي به موجود آهن ۽ حماد جي بازيابي لاءِ 50 هزار ڊالرز گهريا ويا آهن

Leave A Comment