20 رپين واري نوٽ تان موهن جو دڙو جي تصوير نه هٽايو: سنڌ اسيمبلي پاران گڏيل گهر
سيپٽمبر 14, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن 20 رپين جي نوٽ تان موهن جو دڙو جي تصوير نه هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، صوبائي وزيرن سيد ذوالفقار شاهه، سردار شاهه ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن چيو ته موهن جو دڙو 5 هزار سال پراڻي تهذيب جو اهڃاڻ آهي، انهي ماڳ جي تصوير هٽائڻ غلط فيصلو آهي، اسٽيٽ بينڪ نوٽ تان تصوير هٽائڻ وارو فيصلو واپس وٺي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه پاليسي بيان ڏيندي چيو ته تازو اسٽيٽ بينڪ 20 رپين واري نوٽ تان موهن جو دڙو جي تصوير ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي اسان کي سخت اعتراض آهي، سندس چوڻ هوته موهن جو دڙو پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو اهڃاڻ آهي، جنهن جي تصوير هٽائي پئي وڃي، اسان اسٽيٽ بينڪ کان اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته انهي معاملي تي اسٽيٽ بينڪ اختيارين کي خط لکنداسين. اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي پڻ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جي مطالبي جي حمايت ڪري ڇڏي. تعليم واري وزيرسردار شاهه چيو ته يونيسڪو پاران موهن جو دڙو کي ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر ڏنو ويو آهي ، اسٽيٽ بينڪ کي پنج هزار سال قديمي تهذيب جي تصوير نه هٽائڻ گهرجي، انهي معاملي تي صوبائي وزير کي ٺهراءُ آڻڻ گهرجي. اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو پاران سجاول ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسرخلاف پيش ڪيل استحقاق واري رٿ تي ٽي او کي هٽائڻ ۽ معاملو ڪاميٽي ڏانهن اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو . اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو ٽي او سجاول خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪندي چيو ته برساتن دوران فون ڪالز توڙي ميسيجز باوجود ٽي او ڪو به جواب نه ڏنو، جنهن ڪري منهنجو استحقاق مجروح ٿيو آهي، جنهن تي مڪاني وزير سعيد غني هير سوهو جي حمايت ڪندي چيو ته ڄاڻايل ٽي او ديدار شاهه خلاف ڪارروائي ڪندي کيس معطل ڪيو ويو آهي، اسپيڪر بعد ۾ معاملو پِروليج ڪاميٽي ڏانهن موڪلڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي. ايوان ۾ سوشل ويلفيئر کاتي بابت سوالن جوابن جي سيشن ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير طارق ٽالپر چيو ته نگران حڪومت ۾ اين جي اوز کي 200 ملين رپيا ڏيڻ واري سمري بابت مون کي ڪا ڄاڻ ناهي، جيڪڏهن ڪنهن ميمبر وٽ تفصيل آهي ته مون سان شيئر ڪري. هن چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ آگاهي مهم هلائي ويندي آهي، اهڙن ماڻهن جي تعداد گھٽندي ۽ وڌندي رهي ٿي. منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪورنگي ۾ بحالي مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي، پ پ ميمبر امداد پتافي چيو ته پينو فقيرن سبب اسان کي ڪٿان جي ويزا نه ٿي ملي، پينو فقيرن جي حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي، جنهن تي صوبائي وزير طارق ٽالپر چيو ته ويزا معاملو وفاقي سرڪار جو استحقاق آهي. هن چيو ته غربت سبب ماڻهو پنن ٿا، انهي لاءِ قانونسازي به ڪرڻي پوندي. هن چيو ته 2018 کان 2023 دوران نشي جي عادي 33158 ماڻھن جو بحالي سينٽرن تي علاج ڪيو ويو آھي، سماجي ڀلائي واري کاتي پاران سرسو کي گرانٽ مھيا نه ڪئي وئي آھي هن چيو ته ھڪ ارب کان وڌيڪ رقم اين جي اوز کي ڏيندا آھيون. ھينڊز کي 56 ڪروڙ ڏنا آھن،