| 200 ڏي، ٿرڙي جادو پوليس ڪاٺير کي گڏهه گاڏي سان ٻڌي ڇڏيو، تذليل، وڊيو وائرل |
ڪڪڙ (رپورٽ: امير حسن ملاح) ڪڪڙ لڳ پوليس گھر جي گذر سفر لاءِ ڪاٺيون کڻي ايندڙ ڳوٺ گل ٻٻر واسي پورھيت پيرسن ڪنڊو ٻٻر کي ٿرڙي جادوشھيد پوليس رستي ۾ روڪي مبينا طور کين زبردستي طور 200 روپيا رشوت طلب ڪيا پورھيت غريب مسڪين پاران انڪار ۽ رقم نه ھئڻ ڪري جي لاچاري ظاھر ڪئي جنھن تي پوليس ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پورھيت کي کنڀي کڻي گڏهه گاڏي سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس پنھنجي عدالت قائم ڪندي ھمراهه کي پنھنجي رومال سان ڳچي ۽ رسن سان ھمراه کي تذليل جو نشانو بنائي مڪمل طور ٻڌي ٿاڻي تي کليل آسمان ھيٺ نٽھڻ اس تي ويھاري ڇڏيو پورھيت جي اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ پورھيت جيڪو 2 ڪلاڪن تائين بي گناه ٿاڻي تي ھيٺ پٽ تي ويٺل ھو جنھن کي ضلعي دادو بار جي سينئر وڪيل نورنبي جمالي جي معرفت پوليس کين آزاد ڪري ڇڏيو تذليل جو نشانو بڻيل پورھيت ڪنڊو ٻٻر پريس ڪلب ڪڪڙ پھچي چيو آھي مان غريب مسڪين آھيان گھر جي گذر سفر لاء ڪاڇي مان ڪاٺيون ڪري گڏه گاڏي کڻي واپس ٿرڙي جادو شھيد اچڻ دوران پوليس روڪي ورتو ۽ کين رشوت ن ڏيڻ جي صورت ۾ گڏه گاڏي سميت کنڀي کڻي مونکي تذليل جو نشانو بڻائي وڏي زيادتي ڪئي آھي مون سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن وڪيل نورنبي جمالي پاران ٿرڙي جادو شھيد جي ايس ايڇ او محمد ايوب نائچ ۽ وڏو منڇي سرور قمبراڻي خلاف عدالت ۾ پورھيت سان تذليل ٿيڻ واقعي جو نشانو بنائڻ تي درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي