200 يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو واپس: ترقياتي بجيٽ کي ڪٽ، 3 مهينا رعايت هوندي: وزيراعظم
جُولاءِ 9, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 2 سئو يونٽس تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ توانائي بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2 سئو يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي 3 مهينن تائين رعايت ڏئي رهيا آهيون، ان رعايت سان بجلي واپرائيندڙ 94 سيڪڙو گهريلو واهپيدارن کي فائدو پهچندو، حڪومت کي واهپيدارن کي اهو رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب روپيا خرچ ڪرڻا پوندا، بجلي جي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ بابت آءِ ايم ايف کي به اعتماد ۾ ورتو آهي، وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت سياست بچائڻ لاءِ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو هو، اسان سياست قربان ڪري پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، وفاقي سرڪار جي نئين فيصلي تحت جولاءِ کان سيپٽمبر 2024 لاءِ ماهوار 2 سئو يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف ملندو. وزيراعظم چيو ته ان کان اڳ سياست کي چمڪائڻ لاءِ وڏا وڏا اعلان ڪيا ويا، چيو ويو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويندو پر ڪرپشن جا وڏا اسڪينڊل سامهون آيا، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ کيسا ڀريا ويا، چيو ويو لٽيل دولت واپس آڻينداسين پر 190 ملين پائونڊ تي هٿ صاف ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ تيل جا اگهه وڌي رهيا هئا پر بي اعتمادي کان بچڻ لاءِ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري معيشت کي نقصان پهچايو ويو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ 28 هزار ٽيوب ويل ڪنيڪشنن تي بجلي استعمال ٿيندي هئي پر بل ادا نه ڪيا يا، جنهن سبب اسان کي 10 سالن ۾ 500 ارب جو نقصان ٿيو. انهن 28 هزار ٽيوب ويل ڪنيڪشن کي ڪٽي انهن کي سولر تي منتقل ڪنداسين جنهن تي 55 ارب جي لاڳت ايندي. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ ٽيڪس ضرور لڳا پر اشرافيه تي ٽيڪس پهريون ڀيرو لڳو، ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس پهريون ڀيرو لڳايو ويو، جنهن مان 100 ارب ملڻ جو امڪان آهي، ان تي وڌيڪ ٽيڪس لڳڻ گهرجي ۽ ايندڙ سال ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس جي لاءِ وڌيڪ تياري سان گڏ اينداسين. وزيراعظم چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳو، جنهن تي هنن جائز احتجاج ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي جي بندرگاهه تي هر سال 1200 ارب رپين جي امپورٽ ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، ملڪ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو، پي اين ايس سي وٽ 11 جهاز آهن اربين رپيا خرچ ايندو آهي. پاڪستان ۾ بحري جهازن جي ذريعي سامان جي برآمد تي ساليانو 500 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن.