ڪراچي(م ڊ) پ پ جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف هجڻ جو اعتراف ڪندي مستقبل ۾ اتحاد نه ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي.
ٽائيم نيوز جي پروگرام ويوز ٽائيم ۾ اينڪر پرسن مهتاب علي نور جي سوالن جا جواب ڏيندي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ ن ليگ جي اڪثريت ۽ ناڻي جو وفاقي وزير به ن ليگ جو هجڻ جي ڪري اسان کي ڪافي ڏکيائيون آهن. هاڻوڪي صورتحال ۾ صحيح فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ پنجاب ۾ عقلمندي سان هلڻو پوندو.
سسئي پليجو جو چوڻ هو ته 2013 ۾ پ پ جي غلط فيصلن جو فائدو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ورتو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به جمهوري پارٽي نه چاهيندي ته چونڊن ۾ دير ٿئي، چونڊون ٿيڻ گهرجن باقي ان جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.