ٽنڊي باگي تعلقي ۾ 2022ع جي متاثرن جا گهر تعمير نه ٿيا، تازين برساتن بعد اهنج ٻيڻا
سيپٽمبر 7, 2024
ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) بدين ضلعي ۾ 2022ع جي برساتن ۽ سم نالن کي گھارن سبب سوين ڳوٺ ٻڏي ويا ھئا، ٽنڊوباگو تعلقي ۾ 34 ھزار گهر ڊھي پيا ھئا، جن جي تعمير جو ڪم بدين ضلعي ۾ سنڌ پيپلز ھائوسينگ فار فلڊ افيڪٽيڊ ۽ اين آر ايس پي نالي اين جو او حوالي ڪيو ويو، اين آر ايس پي پاران سنڌ حڪومت ۽ پي ڊي اي ايم جي ڪيل سروي جي تصديق لاءِ ٻيھر سروي ڪري گهرن جي تعمير جي شروعات ڪرڻ کي به 2 سال گذري ويا، جڏهن ته بدين ضلعي ۾ ايس پي ايڇ ايف جي ويب سائيٽ تي پڌرائي موجب رڳو 61850 گهرن تي ڪم ھلندڙ آهي، جڏهن ته باقي ھزارين سروي ٿيل گھرن جي تعمير جو ڪم شروع ٿي نه سگھيو، ٻوڏ متاثرن موجب في گهر لاءِ 3 لکن تائين رقم قسطن ۾ جاري ڪئي پئي وڃي، 61850 گھرن مان رڳو ڪجهه گهر مڪمل ٿي سگھيا، باقي گھرن جو ھلندڙ ڪم رولڙي جو شڪار آهي، ڳوٺاڻن موجب تعمير ٿيندڙ ھزارين گهرن جا ٻوڏ متاثرين سرڪاري ڀڏن تي ويٺل آهن، اين جي او جي عملي پاران متاثرن کي صحيح نموني آگاھي نه ڏيڻ ڪري ڪيترن ئي گھرن جو ڪم ڄاڻايل ڊزائين مطابق نه ٿيڻ ڪري گهرن جي مالڪن جون قسطون روڪيون ويون آهن. جنهن ڪري گھرن جي تعمير جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ڳوٺاڻا موسميات کاتي پاران بدين سميت ڏکڻ سنڌ ۾ ٻوڏ وارين برساتن جي اڳڪٿين بعد ٻڏتر ۽ سوچن ۾ ورتل آهن. گلاب ريٻاري، حسين ملاح، جيوڻ ملاح، حميرا ملاح محمد ملاح، غلام مصطفي ڪلھوڙو ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت گھرن جي تعمير ۾ استعمال ٿيندڙ سرن، لوھي سريئي، ريتي ۽ سيمينٽ جي 2 سال اڳ جي مارڪيٽ ريٽ مطابق في گهر جي ماليت 3 لک رپيا ڏيئي رھيا آهن. جڏهن ته ھاڻي بٺا مالڪن سرن جي في ھزار سرن جي رقم 9000 ھزار مان وڌائي 18000 ڪري ڇڏي آهي. ريتي جي ٽرڪ جي قيمت 25000 مان وڌي 40000 ھزار ٿي وئي آهي ۽ لوھ جو مڻ 9000 ھزار مان وڌي 12000 جو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ھاڻي اين آر ايس پي جي ڊزائين ڪيل گهر جو خرچ 5 لک ٿئي پيو ۽ حڪومت صرف 3 لک سي به قسطن ۾ ڏئي ٿي، جنهن ڪري جن به ڳوٺاڻن جا گهر ٺھي رھيا آهن انهن پنھنجو چوپايو مال وڪڻي خرچ جو پورائو ڪيو آهي. انهيَ کانسواء اين جي او جو عملو اسان کان قسطون جاري ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ڪر ٿو، جيڪو ٻوڏ متاثر رشوت نه ٿو ڏي انهن جون قسطون جاري نٿون ڪيون وڃن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ھڪ مھينو اڳ ٻوڏ متاثرن جي تعمير ٿيندڙ گھرن بابت اعلان ڪيو ھو ته سرڪاري زمينن ۽ ڀڏن تي ويٺل ڳوٺاڻن کي تعمير ٿيندڙ گھرن جي زمينن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويندا، جن تي بدين ضلعي ۾ مختيارڪارن پاران سروي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته مالڪاڻن حقن جون سندون ورھايون نه ويون آهن، جنهن ڪري پڻ گھرن جي تعميرات جو ڪم قسطون جاري نه ٿيڻ ڪري رڪيل آهن. ٽنڊوباگو جي مختيارڪار غلام ياسين پنھور پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته 2022 جي ٻوڏ ۾ وڌ ۾ وڌ گهر تعلقي ٽنڊي باگي جا متاثر ٿيا جن جو تعداد 34 ھزار آهي، انهن گهرن جي تعمير ٿيڻ جو ڪم جاري آهي، انهن ۾ ڀڏن ۽ ڳوٺن کان ٻاھر تعمير ٿيندڙ ٻوڏ متاثرن جي 5 هزار کان وڌيڪ گھرن خلاف پاسي وارن زميندارن پاران درخواستون ڪيون آهن، جن جون قسطون رڪيل آهن، جن جي اسان سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي سروي ڪئي آهي ۽ مالڪاڻن حقن جي سندن جو ڪم پڻ جاري آهي. جنھن مان 100 ٻوڏ متاثرن جي گھرن جون سندون مڪمل ڪيون ويون آهن، جيڪي اڃان ٻوڏ متاثرن ۾ ورھايون نه ويون آهن .
ٽنڊوباگو شهر ۾ به 50 کان وڌيڪ گهر ٺهي چڪا آهن: اين آر ايس پي انچارج
ٽنڊوباگو: رابطو ڪرڻ تي اين آر ايس پي تعلقي ٽنڊي باگي جي انچارج غلام مصطفيٰ عمراڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مٿان کان جيڪا لسٽ اچي ٿي ان جي ماڻهن کي پئسا جاري ڪيا وڃن ٿا، هن چيو ته برساتن سبب رهيل گهرن جي لسٽ اچي نه سگهي آهي، هن ٻڌايو ته ٽنڊوباگو شهر ۾ به 50 کان وڌيڪ غريب ماڻهن جا گهر مڪمل تباه ٿي ويا آهن، ٻين جو ڪم ھلندڙ آهي. هن چيو ته ٽيڪنيڪل اشو سبب بئنڪ ۾ اڪائونٽن ۾ غلطيون ٿيون آهن جيڪي درست ڪيون پيون وڃن.
گهرن جون آخري قسطون رهيل آهن، رشوت طلب ڪئي پئي وڃي: متاثر
ٽنڊوباگو: يونين ڪائونسل اولياءُ خان شاھه جي ڳوٺ ڏاڙهون ريٻاري جي رهواسين گلاب ۽ حاجي ريٻاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي گهرن جون آخري قسطون رهيل آهن جيڪي جاري ڪرڻ لاءِ اين آر ايس پي ۾ سروي ۽ چيڪنگ ڪندڙ ملازم اسان کان في گهر ٻه ٻه هزار رشوت ڏيڻ جي گهر ڪئي، رشوت نه ڏيڻ تي آخري قسطون روڪرائي ڇڏيون، هنن ٻڌايو ته نه اين آر ايس پي جا آفيسر 5 کان 10 هزار رپيا رشوت وٺي پوءِ پئسا جاري ڪن ٿا .
ٽنڊوباگو: آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان پر رقم جاري ناهي ٿي: بيواهه
ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 2 مير محلGا جي رھواسي غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪريل گهرن جي سروي ڪرڻ کي 3 سال گذري ويا پر اڃا تائين اين آر ايس پي پاران پئسا نه ڏنا ويا، ساڳئي وارڊ جي بيواهه عورت زرينه ٻڌايو ته گهرن جا پئسا جاري ڪندڙ ٽنڊوباگو واري آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي