2024ع : دهشتگردي ۽ اغوا خلاف 102 آپريشن: 142 ڏوهاري سوگها: رينجرز ڪارڪردگي رپورٽ
ڊسمبر 31, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرز سال 2024ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ترجمان موجب رينجرز ۽ پوليس گڏيل طور تي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀتاخوري خلاف 102 آپريشن ڪري 142 هاءِ پروفائل جوابدارن کي گرفتار ڪيو، گرفتار جوابدارن ۾ فتنه الخوارج، بي ايل اي، بي ايل ايف، ٽي ٽي پي ۽ لياري گينگ وار جا دهشتگرد شامل آهن، دهشتگردن خلاف ڪل 87 ڪارروايون ڪيون، جن ۾ 109 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جن ۽ بدنام زمانه محمد جاويد سواتي عرف ڀائي جان، شاهد حسين عرف عمر، اڪبر زيب خان، آصف دبئي، امتياز مغيري، محمد علي، وسيم ببلو، عبدالرحمان، عبدالغفار ۽ ٻيا شامل آهن، ڀتا خوري خلاف مجموعي طور 14 ڪارروايون ڪري 32 ڀتا خورن کي گرفتار ڪيو، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رينجرز ۽ پوليس 94 ڪاررواين دوران 197 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، سندن قبضي مان 68 مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا، ڦر، اسٽريٽ ڪرائم، منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف 617 آپريشن ڪيا ويا، اسٽريٽ ڪرائيم خلاف 210 آپريشن ڪري 245 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب آپريشن دوران 332 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا، رينجرز پاران دفاعي نمائش آئيڊياز، پي ايس ايل، پرڏيهي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان دوري دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي پاڪستان رينجرز جي ترجمان موجب 2024ع ۾ 1681495 ليٽر ايراني آئل ۽ 45 گاڏيون هٿ ڪري 54 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي ۾ 51 غير قانوني هائيڊرنٽس ڊاهي 21 واٽر ٽينڪر هٿ ڪيا ويا. رپورٽ موجب رينجرز هيلپ لائن سيل ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون مليون جن مان 65 جو ازالو ڪيو ويو. پاڪستان رينجرز جي رپورٽ موجب 2024ع ۾ سنڌ رينجرز جا 7 جوان شهيد ۽ 15 زخمي ٿيا.
ڪراچي ۾ هيل ڏوهن ۾ 24 سيڪڙو گهٽتائي آئي: اوڍو جي دعويٰ
ڪراچي: ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته هلندڙ سال ڏوهن ۾ 24 سيڪڙو گهٽتائي آئي، پوليس جي ڪارڪردگيءَ بهتري طرف وڃي رهي آهي، گارڊن هيڊڪواٽر ۽ اي وي ايل سي سينٽر ۾ الڳ الڳ تقريبن کي خطاب ڪندي هن چيو ت موبائل فونن جي ڦرلٽ ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 800 موبائل گهٽ ڦر ٿيا گاڏين جي ڦرلٽ ۾ 31 ۽ موٽر سائيڪلن جي ڦرلٽ ۾ 22 سيڪڙو گهٽتائي آئي، گذريل سال 93 هزار ۽ هلندڙ سال 70 هزار 600 ڏوهه ٿيا. هن چيو ته هلندڙ سال 1267 مقابلا ٿيا، جن ۾ 194 جوابدار مارجي ويا، 1267 زخمي ٿيا، 5 هزار 305 جوابدار گرفتار ٿيا، شهر ۾ 529 ڄڻا قتل ٿيا، انهن قتل ڪيسن ۾ ملوث 67 سيڪڙو جوابدار گرفتار ڪيا ويا، اغوا جا 72 ڪيس داخل ٿيا، ڀتي خوري جا 247 ڪيس داخل ٿيا، جيڪي اصل ۾ ڏيتي ليتي جا معاملا هئا، هن چيو ته شهر ۾ وڏا هٿيار گهٽ ۽ ننڍا هٿيار وڌيڪ آهن.