2025ع جي وائيٽ بال ڪرڪيٽ“ ٽيم آف دي ايئر” ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ ٺاهي   نه سگهيو: ڀارت ۽ انگلينڊ جا 3- 3 رانديگر شامل

2025ع جي وائيٽ بال ڪرڪيٽ“ ٽيم آف دي ايئر” ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ ٺاهي   نه سگهيو: ڀارت ۽ انگلينڊ جا 3- 3 رانديگر شامل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) جڳ مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ”ڪرڪ انفو“ سال جي بهترين ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪو به پاڪستاني ڪرڪيٽر جاءِ نه ٺاهي سگهيو آهي.ويب سائيٽ طرفان جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ائير 2025ع ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ جا 3، 3، ويسٽ انڊيز جا 2، جڏهن ته آسٽريليا، افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جو هڪ، هڪ رانديگر شامل آهي.ڪرڪ انفو طرفان اعلانيل سال جي بهترين ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ اڀيشيڪ شرما، فل سالٽ، جوز بٽلر، نڪولس پوران ۽ ڊيوالڊ بريوس شامل آهن.ان کانسواءِ ٽِم ڊيوڊ، سيم ڪُرن، جيسن هولڊر، نور احمد، ورون چڪرورٿي ۽ جسپريت بمرا به ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ائير جو حصو آهن.ويب سائيٽ طرفان چونڊيل سال جي بهترين ون ڊي ٽيم ۾ به ڪو پاڪستاني ڪرڪيٽر شامل ناهي.ان ٽيم ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جا 3، 3، ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جا 2، 2، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو هڪ رانديگر شامل آهي.روهت شرما، ويرات ڪوهلي، ميٿيو بريٽزڪي، جوءِ روٽ، شاءِ هوپ، گلين فلپس، مچل سينٽنر، عادل رشيد، جوفرا آرچر، ميٽ هينري ۽ جيڊن سيلز ون ڊي ٽيم آف دي ائير جو حصو آهن.