| 2025ع: لالي ووڊ، شوبز، راندين ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ طلاقن جو سال رهيو |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) 2025ع پاڪستاني شوبز، راندين ۽ ڊجيٽل دنيا لاءِ غير معمولي سال ثابت ٿيو، جتي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جون شاديون ختم ٿيون. اهي علحدگيون نه رڳو مداحن لاءِ حيران ڪندڙ هيون پر سوشل ميڊيا ۽ عوامي حلقن ۾ به انهن تي بحث ٿيا.
عماد وسيم ۽ ثانيه اشفاق
اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر عماد وسيم جي زال ثانيه اشفاق عليحدگي کانپوءِ سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته سندن گهر ٽٽي پيو آهي، ٻار پنهنجي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويا آهن. ثانيه مطابق سندن خوشين واري زندگي ۾ ٽئين فرد ( عورت) جي مداخلت کانپوءِ حالتون خراب ٿيون. انوشي عباسي ۽ عنان عارف
اداڪاره انوشي عباسي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس طلاق 6 سال اڳ طئه ٿي چڪي هئي، جڏهن ته هن طلاق بابت هينئر کليل طور تي ڳالهايو آهي، پنهنجي ذاتي زندگي جا تجربا شيئر ڪيا آهن.
سحر حيات ۽ سميع رشيد
ٽڪ ٽاڪر سحر حيات پڻ 2025 ۾ مڙس سميع رشيد کان طلاق جي تصديق ڪئي، سندن پهريون ٻار 2024 ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ جوڙي جي عليحدگي ۽ ٻارن جي پرورش جا مسئلا بحث جو موضوع رهيا.
خوشبو ۽ ارباز خان
مشهور فلمي اداڪاره خوشبو تازي انٽرويو ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي مڙس ارباز خان کان عليحدگي جي تصديق ڪئي. هن چيو ته هن پنهنجي شادي شده زندگي ۾ خيانت کي منهن ڏنو، ڏکئي وقت ۾ اڪيلي رهجي ويس.
عاصم اظهر ۽ ميرب علي
گلوڪار عاصم اظهر سوشل ميڊيا ذريعي تصديق ڪئي ته سندس ۽ اداڪاره ميرب علي جو مڱڻو ختم ٿي ويو آهي، انهي خبر انهن مداحن کي مايوس ڪيو جيڪي جوڙي جي شادي جو انتظار ڪري رهيا هئا.
زارا ترين ۽ فاران طاهر
اداڪارہ زارا ترين هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ چيو ته سندس فاران سان شادي 2 سال نه پر صرف چار مهينا هلي سگهي.
حنا رضوي ۽ عمار احمد
اداڪاره شرمين حنا رضوي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي پنهنجي مڙس عمار احمد خان کان عليحدگي جو اعلان ڪيو پر باضابطه طور تي طلاق بابت اڃا تائين ڪو به بيان نه ڏنو ويو آهي. سبحان عميس ۽ عبير اسد
فيبروري 2025 ۾ شادي ڪندڙ سبحان عميس ۽ عبير اسد صرف 7 مهينن کانپوءِ الڳ ٿي ويا، ٻنهي ڌرين طلاق جا سبب پڌرا ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
ميرا سيٺي ۽ بلال ايم صديقي
اداڪاره ۽ ليکڪا ميرا سيٺي چيو اهي ته هن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست بلال صديقي کان طلاق وٺي ڇڏي آهي، جيڪا هن 2025 ۾ پڌري ڪئي آهي
ايمن زمان ۽ مجتبيٰ لاکاڻي
ٽڪ ٽاڪر ۽ اداڪاره ايمن زمان پنهنجي مڙس مجتبيٰ لاکاڻي کان عليحدگي جي تصديق ڪري ڇڏي، عليحدگي کان پوءِ هن پنهنجي مڙس سان گڏ سڀئي تصويرون ۽ وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تان هٽائي ڇڏيون.
ساره عمر ۽ محسن طلعت
اداڪاره سارہ عمر انڪشاف ڪيو آهي ته سندن 9 سال اڳ ڪيل شادي ختم ٿي وئي آهي. طلاق کانپوءِ هن پنهنجي شوبز واري زندگي ٻيهر شروع ڪئي، ذاتي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ريئلٽي شو “تماشا” ۾ حصو پڻ ورتو.