| 2025ع: لالي ووڊ لاءِ ڳرو سال ثابت: نيلوفر، لو گرو ۽ ديمڪ کي موٽ ملي |
لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) 25 سال اڳ لالي ووڊ جون هر سال درجنين فلمون سينيماگهرن ۾ نظر اينديون هيون، جڏهن ته عيد جي موقعي تي 2 کان 3 فلمون پڻ رليز ٿينديون هيون پر هاڻي هر سال اهو انگ گهٽجي رهيو آهي. 2025ع ۾ عيد الفطر جي موقعي تي 6 فلمون رليز ٿيون پر اهي ناڪام ٿيون. شاز خان جي فلم ‘دي مارشل آرٽس’ کي سينيما گهرن ۾ ڪو به شو نه مليو، جڏهن ته جاويد اختر جهڙا وڏا نالاپڻ مداحن کي“ڪلفي” فلم لاءِ سينيما گهرن ڏانهن آڻڻ ۾ ناڪام ٿيا. 2025ع ۾ 10 فلمن کي موٽ پڻ ملي
لو گرو
مشهور هدايتڪار نديم بيگ جي فلم ‘ لو گرو’ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، فلم 120 ملين کان وڌيڪ سان اوپن ڪئي، جڏهن ته اها سڄي دنيا ۾ 800 ملين کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. همايون سعيد، ماهره خان سان گڏ رمشا خان، مومنا اقبال، ۽ سوها علي ابڙو فلم ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.
ديمڪ
پاڪستان ۾ عام طور تي خوفناڪ فلمون ٺاهڻ جو رجحان ناهي، رافع راشدي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل ’ديمڪ‘ عيد الاضحيٰ تي رليز ٿي، انهي فلم 200 ملين کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪيو. ديمڪ جي ڪهاڻي سس ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ٻڌل آهي، جنهن جو پس منظر گهر ۾ پراسرار مخلوق جون سرگرميون آهن، فلم جي ڪاسٽ ۾ فيصل قريشي، جاويد شيخ، ثمينه پيرزادو، بشريٰ انصاري، سونيا حسين ۽ سمن انصاري شامل هئا.
نيلوفر
2025ع جي آخري فلم ’نيلوفر‘ باڪس آفيس تي ڪامياب رهي، اها اڃا تائين سينيما گهرن ۾ هٽ آهي. فواد خان ۽ ماهره خان “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” کانپوءِ “نيلوفر” ۾ ٻيهر وڏي اسڪرين تي واپس آيا. اها سپر هٽ جوڙي مداحن کي سينيما گهرن ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي.
ويلڪم ٽو پنجاب
هدايتڪار شهزاد رفيق جي فلم “ويلڪم ٽو پنجاب” سينيما گهرن ۾ناڪامي باوجود آذربائيجان ۾ ٿيل باڪو فلم فيسٽيول ۾ بهترين سامعين جو ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي. پاڪستاني ثقافت ۽ لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل هن فلم جي ڪاسٽ ۾ عدي خان، زارا حيات، سجاد حسن، جاويد شيخ ۽ بشرا انصاري شامل هئا.
قلفي
مزاحيه فلم قلفي جي ڪاسٽ ۾ بابر علي، شهروز سبزواري، جاويد شيخ، معمر رانا ۽ سعيده امتياز شامل هئا پر مداحن کي شهروز سبزواري سميت ڪنهن جي به اداڪاري پسند نه آئي.
ڪبير
پروڊيوسر ميثم علي ۽ ڊائريڪٽر نيها لاج جي فلم ‘ڪبير’ جي ڪاسٽ ۾ عدنان شاهه ٽيپو، انعم تنوير، سخاوت ناز، ميثم علي ۽ جهانگير خان جاني شامل هئا، اها فلم پڻ فلاپ ثابت ٿي.
عشق لاهور
لالي ووڊ جي ليجنڊ جاويد شيخ ۽ صائمه نور جي پنجابي ايڪشن فلم ‘عشق لاهور’ پڻ عيد جي موقعي تي رليز ڪئي وئي.
لمبي جدائي
لمبي جدائي جي ڪاسٽ ۾ بابر علي، حريم فاطمه، طيب خان، فضا مرزا سميت ٻيا فنڪار شامل هئا.
مارشل آرٽسٽ
پاڪستاني-آمريڪي فلمساز شاز خان جي فلم مارشل آرٽسٽ هيل رليز ٿي، جيڪا پڻ ناڪام ٿي وئي.
ججي
هدايتڪار حبيب شهزاد جي فلم ‘ججي’ جي ڪاسٽ ۾ محمد ارسلان، مصطفيٰ رضوي ۽ انجم حبيب شامل هئا.