2025ع پاڪستان جي ڪاميابين جو سال، ڀارت پوئتي رهيو: عالمي رسالو

2025ع پاڪستان جي ڪاميابين جو سال، ڀارت پوئتي رهيو: عالمي رسالو

لنڊن (م ڊ) عالمي رسالي ڪيرولائنا پوليٽيڪل ريويو ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ پاڪستان عالمي سياست ۾ ٻيهر اهم مقام ماڻي ورتو، پاڪ–ڀارت ڇڪتاڻ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. عالمي رسالي موجب پاڪستان اثرائتي سفارتڪاري وسيلي واشنگٽن جو اعتماد ٻيهر بحال ڪري لاڳاپن کي نئون رخ ڏنو، آمريڪا ڏکڻ ايشيا، نار ۽ وچ ايشيا تائين پهچ لاءِ پاڪستان کي اهم پل قرار ڏنو، آمريڪا پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت کي مرڪزي حيثيت ڏني، جڏهن ته پاڪستاني بندرگاهون، خاص طور بلوچستان ۾ گوادر تمام وڏو اثاثو آهي. عالمي رسالي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان سي پيڪ سان گڏ گهڻ رُخو توازن برقرار رکندي نوان معاشي رستا کوليا، نومبر ۾ ٽرمپ انتظاميا پنهنجي قومي سلامتي جي حڪمت عملي جاري ڪئي، جنهن موجب پاڪستان قومي سلامتي جا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪا جو اهم ساٿي هوندو. عالمي رسالي موجب آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ تازي تبديلي سڄي دنيا جي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻي، ڀارت– پاڪستان ڇڪتاڻ دوران آمريڪا کي ويڙهه جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پيو، صدر ٽرمپ جو ڪشمير تي بيان پاڪستان جي سفارتي پوزيشن ۽ موقف جي تائيد آهي. عالمي رسالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سفارتي محاذ تي نفسياتي سرسي حاصل ڪئي، جڏهن ته ڀارت پوئتي رهجي ويو، پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترائي معاهدا ڪيا.