2025ع ڀارت لاءِ مسئلا وڌڻ جو سبب بڻيو: فنانشل ٽائمز

2025ع ڀارت لاءِ مسئلا وڌڻ جو سبب بڻيو: فنانشل ٽائمز

لنڊن (م ڊ) ڀارت بابت برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت لاءِ 2025ع بحرانن جو سال ثابت ٿيو، پاڪ – ڀارت فوجي ڇڪتاڻ، ڪرنسي جي ڪمزوري ۽ معاشي بيچيني سبب ڀارت مسئلن جو شڪار رهيو. برطانوي اخبار موجب 2025 ۾ پاڪ – ڀارت فوجي ڇڪتاڻ، آمريڪا سان واپاري تڪرار، جهاز حادثي، ڪرنسي جي ڪمزوري ۽ معاشي بيچيني سبب ڀارت مسئلن کي منهن ڏنو. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب 2025 ۾ آمريڪا ڀارت واپاري معاهدو ڪيترائي ڀيرا معطل ٿيو، آمريڪي ٽيرف سان ڀارت تي اقتصادي بار پيو، جي ايس ٽي سڌارا محدود شعبن تائين رهڻ سان معاشي ترقي ۾ رنڊڪ رهي، 2025 ۾ ڀارتي رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڪِريو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جو نتيجو واشنگٽن جي پاليسي ۾ واضح تبديلي جي صورت ۾ سامهون آيو.