2025  – جنگي جنون، ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو سال: پراڻي عالمي نظام جو زوال!….ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي

                 سال 2025 عالمِ انسانيت جي تاريخ تي هڪ ڪاري داغ وانگر ياد رهندو، جڏهن فلسطين ۾ ٻار ۽ عورتون ڪسجندا رهيا، پر دنيا جون عالمي طاقتون تماشو  ڏسنديون رهيون. غزا، اولهندي ڪناري فلسطيني آبادي، لبنان، ايران، شام ۽ يمن مٿان اسرائيلي حملن سبب ٿيل تباهي ثابت ڪيو ته، هاڻي دنيا ۾ ”جيڪو  ڏاڍو سو گابو“ جو وحشي قانون رائج ٿي چڪو آهي. هن سال عالمي نظام ۽ گڏيل قومن جي اداري جي ڪمزوريءَ کي وائکو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري رياستن جي وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ وڌي. هن سال آمريڪي نئين چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ٽيڪسن واري جنگ معاشي افراتفري وڌائي ۽ ماحولياتي تبديلين تان مغربي ملڪن جو ڌيان هٽايو. انهيءَ جيو پوليٽيڪل جنگين، معاشي افراتفري ۽ ماحولياتي بحران هڪ ٻئي سان گڏجي، انساني تهذيب جي بقا بابت نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن. هن ختم ٿيندڙ سال جا اثر ڪافي ڊگهي عرصي تائين قائم رهندا، ڇاڪاڻ ته هي هڪ نئين دور جي شروعات آهي، جنهن ۾ دنيا گلوبلائيزيشن واري مغربي جمهوريت واري ڍانچي کان ڇڄي، خود غرض، بي رحم ۽ اگهاڙي مفاد پرست پاليسين ڏانهن وڌي رهي آهي. عالمي مالياتي ادارن جي تجزين موجب، 2025 سال کي ”جيوپوليٽيڪل لاٿ“ جو سال سڏڻ وڌيڪ درست ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن سال عالمي تعاون جي بدران مقابلي، طاقت جي ڏيکاءَ، ڌمڪين ۽ هڪ طرفي فيصلا سازيءَ جو استعمال وڌيڪ ٿيو آهي. هن وقت دنيا هڪ اهڙي موڙ تي اچي بيٺي آهي، جتي اميدن کان وڌيڪ خوف، يقين کان وڌيڪ شڪ، ۽ گڏيل سلامتيءَ کان وڌيڪ بقا جي جدوجهد نمايان نظر اچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ نئون سال ڪا وڏي تبديلي يا خوشي کڻيو نه پيو اچي، پر هڪ سخت، تلخ ۽ عملي صورتحال اسان جي آڏو رکي ٿو ته، حقيقت کي قبول ڪريو ۽ پاڻ کي نئين حالتن سان هم آهنگ ڪريو، يا مڪمل تباهي لاءِ تيار ٿيو.

صدر ٽرمپ جو ٻيو صدارتي عرصو جيڪو جنوري 2025 کان شروع ٿيو آهي، انهي سڄي دنيا تي گهرا ناڪاري اثر ڇڏيا آهن. سندس اپريل 2025 کان سڄي دنيا سان شروع ڪيل ٽيرف يعني ٽيڪسن مڙهڻ واري جنگ سڄي عالمي معاشي نظام کي لوڏي ڇڏيو آهي. آمريڪا جي هن ٽيڪسن واري جنگ کان سندس اتحادي ڪيناڊا، ميڪسيڪو ۽ هندستان به بچي نه سگهيا. پر اصل ڇڪتاڻ ۽ چٽا ڀيٽي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ٿئي پئي. هي مقابلو رڳو فوجي يا سفارتي دائري تائين محدود نه رهيو آهي، پر جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، سيمي ڪنڊڪٽرز، ڊيٽا، ناياب معدنيات ۽ توانائي وسيلن تائين پکڙجي ويو آهي. ٻنهي ملڪن پنهنجي قومي سلامتيءَ جي نالي تي واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا تي ڪافي پابنديون وڌايون آهن، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ٻاڙائي جو شڪار ٿي وئي. اهڙي صورتحال ۾ ننڍا ۽ وچولي درجي جا ملڪ ۽ معاشي طرح ڪمزور رياستون، وڏي دٻاءَ هيٺ اچي ويون آهن، ڇاڪاڻ⁠ ته انهن وٽ نه ته اهڙي اقتصادي طاقت هئي، نه ٽيڪنالاجي ـ جو هو هن مقابلي کان الڳ رهي سگهن. خود هندستان به روس کان تيل خريد ڪرڻ جي ڪري آمريڪي ٽيڪسن جي عتاب جو شڪار آهي. پاڪستان جي چين سان دوستي ۽ واپار جي معاملي تي اڃا تائين صدر ٽرمپ ڪو قدم نه کنيو آهي، پر  ڪنهن وقت به هو پاڪستان کان مطالبا ڪري سگهي ٿو.

وچ اوڀر ۾ 2025 هڪ انتهائي اهم موڙ ثابت ٿيو. اسرائيل رڳو فوجي طاقت جي بنياد تي نه، پر جديد ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس، سائبر وارفيئر، مصنوعي ذهانت، ڊرونز ۽ انتهائي منظم حڪمتِ عمليءَ ذريعي حماس، حزب الله، ايراني فوجي مشينري ۽ ٻين علائقائي قوتن کي سخت نقصان پهچايو ۽ اسرائيلي ٽيڪنالاجيءَ جي برتري واضح طرح نظر آئي. ريئل ٽائيم انٽيليجنس، سيٽلائيٽ نگراني، اي آءِ تي ٻڌل ٽارگيٽنگ، ۽ خودڪار دفاعي نظامن پراڻي جنگي حڪمت عمليءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. اهو پيغام صاف هو ته جديد جنگ هاڻي صرف سپاهي ۽ ٽينڪ نه، پر مصنوعي ذهانت، ميزائيل ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي، سائبر وارفيئر،  ڊيٽا، الگورٿم، انٽيليجنس ۽ فوري فيصلي سازيءَ جي جنگ آهي. انهيءَ پس منظر ۾ حماس، حوثي باغي، حزب الله، ايران ۽ شام جهڙيون قوتون، جيڪي روايتي يا غير منظم جنگي حڪمتِ عمليءَ تي ڀاڙينديون رهيون، نئين جنگي حقيقت سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ پوئتي رهجي ويون. 2025 اهو سال بڻجي ويو، جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن ٽيڪنالاجيءَ جي بنياد تي ٻيهر ترتيب ٿيو. ان جو اثر رڳو ڪجهه ملڪن تائين نه رهيو، پر علائقائي سطح تي تقريبن سڄي وچ اوڀر ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي برتري قائم ٿي وئي ۽ ظاهري طرح روس ۽ چين جون پرڏيهي پاليسيون ناڪام ٿي ويون.

ساڳئي وقت يوڪرين جي جنگ به 2025 ۾ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هلندڙ جنگ هاڻي رڳو ٻن ملڪن جو معاملو نه رهيو، پر آمريڪا، يورپ ۽ نيٽو جي سياسي ۽ معاشي صلاحيت جو امتحان بڻجي ويو. بهرحال، سال جي آخر ۾ اهڙا اشارا مليا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته آمريڪي دٻاءُ، مغربي ٿڪاوٽ ۽ معاشي حقيقتن سبب هن جنگ جي خاتمي جا امڪان وڌي رهيا آهن. صدر ٽرمپ يورپ جي چوڻ تي روس خلاف جنگ کي ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻ نه ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته  آمريڪا اندر به جنگي امداد ۽ خرچن بابت سوال وڌي رهيا آهن، جڏهن ته يورپ توانائي، مهانگائي ۽ سياسي عدم استحڪام سبب، آمريڪا کانسواءِ وڌيڪ ڊگهي جنگ برداشت ڪرڻ جي حالت ۾ ناهي. جيڪڏهن سفارتي دٻاءُ ۽ طاقت جي توازن جو عمل جاري رهيو، ته 2026  روس ـ يوڪرين جنگ جي پڄاڻي يا ڊگهي عرصي واري جنگبندي وارو سال ٿي سگهي ٿو.

هن سال سڀ کان اهم تبديلي جنگي حڪمت عملين ۽ هٿيارن بابت عالمي سوچ ۾ آئي آهي، جنهن پراڻي تصور کي مڪمل طرح ٽوڙي ڇڏيو ته جنگيون رڳو ميدانن، سرحدن ۽ فوجن سان وڙهيون وڃن ٿيون. هاڻي ڊرونز، خودڪار هٿيار، مصنوعي ذهانت، سائبر حملا، ڊيپ فيڪ، معلوماتي جنگ، خلائي نگراني ۽ اقتصادي پابنديون جنگ جو لازمي حصو بڻجي ويون آهن. خود پاڪستان ۽ هندستان جي هن سال مئي ۾ ٿيل جنگ ثابت ڪيو ته پاڪستان جي نئين قسم جي ميزائيل ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي مدد، هندستان جي مهانگن رافيل جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو.  2026 بابت اهو امڪان وڌي رهيو آهي ته جنگي ٽيڪنالاجي اڃا به وڌيڪ تبديل ٿيندي، جتي انسان جو ڪردار گهٽ ۽ مشينن جو ڪردار وڌيڪ هوندو. اها صورتحال نه رڳو فوجي حڪمتِ عملي، پر اخلاقي، قانوني ۽ انساني سوالن کي به جنم ڏيندي. هن وقت ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ آمريڪا جا وينزويلا جي ٻيڙين ۽ تيل جي ٽينڪرن تي حملا وينزويلا جي معيشت ۽ آزادي ختم پيا ڪن. خاص طرح سمنڊ ۾ هڪ ننڍي ٻيڙي تي ٿيل ميزائيل حملي کانپوءِ جڏهن ٻه انسان جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته آمريڪي سيٽلائيٽ ذريعي انهن کي جيئرو ڏسي مٿن ٻيو ميزائيل اڇلائي کين ماريو ويو، جيڪو جنگي حساب سان ڏوهه آهي. پر هاڻي انهيءَ ڏوهه بابت فيصلو ڪير ڪندو، اڃا تائين ته اسرائيل جي جنگي ڏوهن جو به ڪو تدارڪ نه ٿيو آهي، ته پوءِ آمريڪا جي ظلمن جو تدارڪ ڪير ڪندو.

انهن معاشي ۽ جنگي تبديلين سان گڏ، موسمي تبديليءَ جي سلسلي ۾ به 2025 هڪ خراب سال رهيو آهي. ٽرمپ جي صدارت جي ڪري، آمريڪا موسمي تبديلين کي روڪڻ واري مهم جي حصي بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهيءَ جي ڪري ٻين مغربي ملڪن جي به دلچسپي گهٽجي پئي. صدر ٽرمپ آمريڪا جي اڀرندي ڪناري سمنڊ اندر پن بجلي گهرن جا منصوبا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ بجليءَ تي هلندڙ ڪارن ٺاهڻ تي ملندڙ سبسڊي ختم ڪئي آهي. دنيا اندر هڪ ڏهائي پنج ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد جي وڌڻ تي روڪڻ وارو فيصلو هاڻي عملي طرح ختم ٿي چڪو آهي. گڏيل قومن جي ادارن ۽ سائنسي ماڊلن ظاهر ڪيو آهي ته هاڻوڪين پاليسين سان گرمي پد 2.6 کان 3.3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي، جيڪو تباهيءَ جي برابر آهي. 2026 ۾ موسمي تبديلي کي روڪڻ بابت بحث کان وڌيڪ، صلاح مشورو ان سان هم آهنگي ۽ بچاءَ بابت ٿيندو. جيڪا ڳالهه ٻوڏون، ڏڪار، طوفان، پاڻيءَ جي کوٽ، لڏپلاڻ ۽ تڪرارن کي وڌيڪ وڌائيندي. پاڪستان جنهن 2022 کانپوءِ هن سال به هڪ وڏي ٻوڏ ۽ تباهيءَ کي منهن ڏنو آهي، انهيءَ جي صورتحال اڃا به وڌيڪ خراب ٿيندي ۽ هندستان پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ به خطري کي وڌيڪ وڌائيندو.

اهي سڀئي عالمي حالتون پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهن. پاڪستان، جيڪو اڳ ئي معاشي بحران، قرضن، سياسي ورهاست ۽ ادارتي ڪمزوريءَ جو شڪار آهي، هن عالمي افراتفري کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿو. آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سخت چٽاڀيٽي، وچ اوڀر جو عدم استحڪام، هندستان ۽ افغانستان سان خراب تعلقات ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪافي مسئلا پئدا ڪري ڇڏيا آهن. 2026 پاڪستان لاءِ اهم فيصلائتو سال ٿي سگهي ٿو ته هو ڪهڙين عالمي طاقتن جي لابي سان پاڻ کي ڳنڍي ٿو،  يا چين ـ آمريڪا تعلقات ۾ توازن قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.

2025 ۾ جيڪي بهتر ڪم ٿيا آهن، انهن ۾ ميڊيڪل سائنس، جين ايڊيٽنگ، ڪينسر جو علاج، وزن گهٽائڻ ۽ عمر وڌائڻ وارين دوائن بابت تحقيق، صحتمند ۽ خوشگوار انساني زندگي بابت نئين سوچ پيدا ڪئي آهي. هاڻي ڊگهي عمر ۽ جوان رهڻ جي خواهش نه، پر امڪان بڻجي رهي آهي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته چين ۽ روس جا صدر به ان بابت پر اميد آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا اها ڊگهي عمر امن، انصاف ۽ وقار سان ڀريل هوندي يا مسلسل تڪرار ۽ بيچينيءَ سان؟ ۽ سوال اهو به آهي ته اهي سهولتون صرف اميرن جي لاءِ هونديون يا سموري انساني آباديءَ جي لاءِ؟

آخرڪار، دنيا 2026 ۾ داخل ٿي رهي آهي هڪ اهڙي دور ۾، جتي ٽين عالمي جنگ هاڻي رڳو خطرو نه، پر هڪ يقيني صورتحال بڻجي چڪي آهي. اها جنگ شايد روايتي صورت ۾ نه هجي، پر لڳاتار، پکڙيل ۽ گهڻ رخي هوندي. ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته ٽين عالمي جنگ ته اسرائيل جي فلسطين، لبنان، ايران، يمن، شام ۽ قطر تي ڪيل حملن کانپوءِ شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ انهن ملڪن سان گڏ روس ۽ چين به خطي اندر اها جنگ هارائي چڪا آهن. روس ۽ چين خلاف جنگ وينزويلا ۽ ٻين لاطيني آمريڪا جي ملڪن تائين پکڙجي چڪي آهي، پر هن جنگ جي شڪل مختلف آهي.  اهڙي حالت ۾ دنيا اندر امن کي قائم رکڻ جي لاءِ عوامي سطح تي هڪ شعوري جدوجهد جي ضرورت آهي. انسانيت لاءِ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا اسان ٽيڪنالاجي، طاقت ۽ قومي مفادن کي گڏيل بقا لاءِ استعمال ڪنداسين يا انهن کي پاڻ هٿيار بڻائينداسين. 2025 اسان کي اهو سيکاري ڇڏيو آهي ته دنيا جيئن اڳ هلي رهي هئي، هاڻي هلي نٿي سگهي. 2026 اهو طئي ڪندو ته اسان تباهيءَ جي راهه اختيار ڪريون ٿا يا اهڙو رستو اختيار ڪريون ٿا، جنهن سان جنگ ۽ ماحولياتي تبديلين کي روڪي سگهجي ۽ عالمي امن کي قائم رکي سگهجي.