خوراڪ کاتي جي ٽيم ڍوري ناري پهتي، 25000 مڻ بدران ڪجهه ڪڻڪ خرابي جو اعتراف
خوراڪ کاتي جي ٽيم ڍوري ناري پهتي، 25000 مڻ بدران ڪجهه ڪڻڪ خرابي جو اعتراف ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ۾ تقريبن 25 ھزار مڻ ڪڻڪ خراب ٿيڻ واريون خبرون لڳڻ بعد ڊي سي عمرڪوٽ نوٽيس ورتو، فوڊ کاتي جي نااهلي سبب ڍورونارو ۾ کليل آسمان هيٺ پيل هزارين مڻ ڪڻڪ خراب ٿيڻ واري معاملي تي […]
کڏڙو: موٽرسائيڪلن جي مستري جي نينگر سان بدفعلي
کڏڙو: موٽرسائيڪلن جي مستري جي نينگر سان بدفعلي کڏڙو (ن پ ا) کڏڙي ۾ موٽرسائيڪلن جي مستري جي نينگر سان بدفعلي، ان ڏس ۾ کڏڙي جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي موٽر سائيڪل ورڪشاپ تي ڪم ڪندڙ 12 سالن جي معصوم شاهنواز ٽالپر والد سان گڏ کڏڙو ٿاڻي تي دانھيندي چيو آهي ته مستري استاد […]
“نوڪريون ڏيو” آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو لاڙڪاڻي کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين مارچ
“نوڪريون ڏيو” آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو لاڙڪاڻي کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين مارچ لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سال 2021ع دوران آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن طرفان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب کان هٿن ۾ بئنر […]
دادو پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، 90 مان 60 آر او پلانٽس بند: جاچ شروع
دادو پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، 90 مان 60 آر او پلانٽس بند: جاچ شروع دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ دادو ۾ آپريشن ۽ مينٽيننس جي نالي تي مبينا 5 ارب روپين جي وڏي ڪرپشن وارو معامرو سامهون اچڻ بعد نيشنل اڪائونٽيبليٽي بيورو (نيب) سکر جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو […]
ڪوٽ لالو ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر تي ڪوريج ڪرڻ تان تشدد
ڪوٽ لالو ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر تي ڪوريج ڪرڻ تان تشدد فيض گنج(ن پ ا) ڪوٽ لالو ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر رياض خاصخيلي کي ڪوريج دوران بااثرن تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي صحافي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان رياض خاصخيلي ٻڌايو ته آرائين ۽ خاصخيلي برادري […]
تنگواڻي ۾ نوجوان مبينا طور قتل، گولي لڳل لاش هٿ
تنگواڻي ۾ نوجوان مبينا طور قتل، گولي لڳل لاش هٿ تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ نيڪ محمد جکراڻي ۾ نوجوان ظفرالله پٽ مندوست عيساڻي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، ان حوالي سان ايس ايچ او تنگواڻي اعجاز احمد کوسو موجب […]
ٽنڊو آدم: عورت پراسرار نموني فوت: قتل شڪ: مڙس گرفتار
ٽنڊو آدم: عورت پراسرار نموني فوت: قتل شڪ: مڙس گرفتار ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ عورت پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ، مڙس گرفتار، ان ڏس ۾ ٽنڊو آدم ويجهو قيصر گهوٽ وٽ يعقوب پٺاڻ جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ عورت 35 ورهين جي شبيران اوڏ پراسرار نموني فوت ٿي وئي. پوليس قتل […]
نوشهرو فيروز: خوني ٽرالر پاپڙ وڪڻندڙ کي چيڀاٽي ڇڏيو
نوشهرو فيروز: خوني ٽرالر پاپڙ وڪڻندڙ کي چيڀاٽي ڇڏيو نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ڀرسان ناگو شاهه موري وٽ تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڳوٺ طالب سولنگي واسي پورهيت وحيد سولنگي فوت ٿي ويو. فوتي ناگو شاهه موري اسٽاپ تي پاپڙ وڪرو ڪندو هو. حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.
ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا قتل پيءُ پٽ جي غائبانا جنازي نماز ادا
ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا قتل پيءُ پٽ جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا بعد مبينا طور قتل ٿي ويل پيءُ ۽ پٽ جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي وئي، عارف گولو ۽ سندس پٽ اشر جي غائبانا جنازي نماز ڳوٺ شوڪت خان گولو ۾ ادا ڪئي وئي، ان حوالي سان […]
بهارين بابت ٺهراءَ سنڌ جي عوام سان غداري آهي: عوامي تحريڪ
بهارين بابت ٺهراءَ سنڌ جي عوام سان غداري آهي: عوامي تحريڪ حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پنھنجي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سرڪار ماضيءَ جي بدترين آمرن کي به پوئتي ڌڪي […]