| 2026ع سنڌ جي ترقي ۽ استحڪام جو سال هوندو: شرجيل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سال 2026 سنڌ جي ترقي، سھولت ۽ استحڪام جو سال ثابت ٿيندو، سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاري ۽ نئين ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي، ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ حڪومت جو ڌيان عوامي مسئلن جي جٽادار حل، بنيادي ڍانچي جي بھتري، شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ ترقياتي فرق کي گھٽائڻ آھي، هن چيو ته سال 2026 ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تحت روڊن، پُلن، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم، پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائي رھي آھي، ڊبل ڊيڪرز، اي وي بسون ۽ پيپلز بسون سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جو حصو آھن، 2026 ۾ سنڌ جا شھري انقلابي تبديليون محسوس ڪندا.