2026ع: ڪراچي ۾مونڪي پاڪس جو پهريون ڪيس ظاهر

2026ع: ڪراچي ۾مونڪي پاڪس جو پهريون ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ سال مونڪي پاڪس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو،ان حوالي سان اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته مريض جي رپورٽ مثبت اچڻ بعد مونڪي پاڪس جي تصديق ٿي، جنهن بعد کيس انفيڪشن ڊزيز اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر مريض پرڏيهه مان سفر ڪري آيو آهي