ڊيمن سوڌو پاڻي منصوبن لاءِ 206 ارب، توانائي شعبي لاءِ 253 ارب مختص، گردشي قرض چيلنج قرار

جُون 13, 2024

اسلام آباد: حڪومت توانائي شعبي جو گردشي قرض چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو، ناڻي وزير چيو ته نقصان گهٽائي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي، 9 ڊسڪوز ۽ گينڪوز جي نجڪاري کي تيز ڪرڻ جو منصوبو آهي، بجلي چوري خلاف مهم تيز ڪئي ويندي ان مهم سان 50 ارب بچت ٿي آهي، توانائي شعبي جي ترقياتي بجيٽ ۾ 253ارب رکيا ويا آهن،  ڄامشورو ۾ 12سئو ميگا واٽ ڪول پاور پلانٽ لاءِ 21 ارب ۽ اين ٽي ڊي سي جي سسٽمز ۾ بهتري لاءِ 11 ارب جي رقم تجويز ڪئي وئي آهي. ناڻي وزير چيو ته پاڻي جو شعبو فوڊ سيڪيورٽي، سستي بجلي پيداوار ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، ايندڙ مالي سال ترقياتي بجيٽ ۾ پاڻي وسيلن لاءِ 206 ارب رکيا ويا آهن، پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي، زرعي پيداواري صلاحيت وڌائڻ، هائيڊل پاور بابت منصوبن تي رقم لڳائي ويندي، انهن منصوبن ۾ مهمند ڊيم، هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 45 ارب، ديا مير ڀاشا ڊيم لاءِ 40 ارب، چشما رائيٽ ڪئنال لاءِ 18 ارب، بلوچستان ۾ پٽ فيڊر ڪئنال لاءِ 10 ارب رکڻ جي تجويز آهي.

Leave A Comment