| 21 عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿي ويون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ اضافو. مهانگائيءَ جي شرح ۾ 0.12 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات کاتي مطابق ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.12 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي۔ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 3.20 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پڌرائي مطابق هڪ هفتي دوران 21 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته 8 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. هڪ هفتي ۾ اٽو 5.07 سيڪڙو ۽ مرغي 2.86 سيڪڙو مهانگو ٿي، ٿوم 2.44 سيڪڙو، مرچ پائوڊر 1.01، تيار چانهه 0.73، کنڊ 0.58، ۽ باسمتي چانور جي اگهن ۾ 0.14 سيڪڙو اضافو ٿيو. پڌرائي مطابق هفتي ۾ پٽاٽن جي اگهه ۾ 3.73 سيڪڙو، بصر 2.20، دال چڻا 1.51، آنا 1.44، دال ماش 0.65، ڪيلا 0.21 ۽ ٽماٽر 0.05 سيڪڙو سستا ٿيا. شماريات کاتي مطابق هڪ هفتي دوران 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو۔