21 هزار ايڪڙن وارو نوٽيفڪيشن رد: سموري ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو حڪم

سيپٽمبر 24, 2024

ميرپورخاص (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ ميرپورخاص پاران ڪارونجھر جي رڳو 21ھزار ايڪڙ ايراضي کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ واري نوٽيفڪيشن کي رد ڪندي سموري ڪارونجھر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

خبر موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ڪارونجھر جبل جي سموري رينج کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جمع نه ڪرائڻ بعد توھين عدالت جي نوٽيس کانپوءِ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ عدالت آڏو پيش ٿيو، سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ پنهنجي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرايو

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ته 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل ڪارونجھر جي مکيھ باڊيءَ کي ثقافت، سياحت، اينٽڪ اينڊ آرڪائيو کاتي پاران محفوظ ورثو قرار ڏنو ويو آھي ۽ اھڙي منظوري سنڌ ڪابينا ڏئي چڪي آھي، ھاڻ ان محفوظ قرار ڏنل حصي مٿان يا ان جي ڀر ۾ ڪنھن به قسم جي اڏاوت يا ڪا ٻي سرگرمي غير قانوني عمل ھوندو

درخواستگذار وڪيل شنڪر لال ميگھواڙ عدالت کي ٻڌايو ته ڪارونجھر جبل رڳو 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل ناھي ، اھو اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل آھي، عدالت ثقافت کاتي پاران پيش ڪارونجھر جبل جي رڳو 21 ھزار ايڪڙن واري ايراضيءَ کي محفوظ ورثو قرار واري فيصلي کي رد ڪندي حڪم ڏنو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ڪارونجھر جبل جي سموري رينج کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن

ان فيصلي کي برقرار رکيو وڃي ٿو، جسٽس امجد علي ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ درخواستگذار وڪيل شنڪر لال ميگهواڙ جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواستگذار وڪيل شنڪر لال ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ھاڻي جيڪڏھن ڪارونجھر جبل جي سموري رينج اندر ڪٿي به ڪا کوٽائي ٿي ته ان عمل خلاف لاڳاپيل ادارو ڪيس داخل ڪري، قانوني ڪارروائي ڪندو

Leave A Comment