22هين نومبر: سالگره جو ڏينهن … پيرسائين پاڳاره شاه مردان شاه: غير معمولي شخصيت

                 1928ع جي ٻاويهن فيبروري تي پير سائين پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني جي ولادت ٿي، انهيءَ وقت سندن والد حضرت پير سائين صبغت الله شاهه المعروف سورهيه بادشاهه انگريز سامراج خلاف مهاڏو اٽڪائي چُڪو هو. کيس 1930ع ڌاري ڪوڙن ڪيسن ۾ جُڙتو عدالتن ذريعي ڏهن سالن جي قيد جو فيصلو ڏياريو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پير صاحب مخلتف جيلن ۾ قيد و بند جو صعوبتون برداشت ڪري 1936ع دوران آزاد ٿي واپس وريو. سندن آزادي وقت پير صاحب پاڳارو شاهه مردان شاهه ثاني نون سالن جي ڄمار جو مس هو. پر صاحب جن کي 20 مارچ 1943ع تي تختهء دار تي چاڙهي سندن جسد خاڪي کي گم ڪيو ويو. ٻئي طرف سندن حُرن کي انتهائي بيدردي سان بي دريافتو ڪاري پاڻي جو سزائون ڏنيون ويون، ڪن کي لوڙهن ۾ قيد ڪري مٿن سخت تشدد ڪيو ويو، ڪن کي سرعام ڦاسيون ڏئي شهيد ڪيو ويو، عورتن ۽ ٻارن کي به نه بخشيو ويو. سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ۾ حُرن جي ملڪيتن، گهر ۽ فصلن کي باهيون ڏنيون ويون، ٻين علائقن کان ماڻهو آڻي سنڌ ۾ حُرن جون زمينون الاٽ ڪري آباد ڪيو ويو. سندن ٻنهي صاحبزادن پير صاحب شاهه مردان شاهه ۽ ميان نادر علي شاهه کي پڙهائي جي بهاني عليڳڙهه موڪليو ويو، جتي ٽي سال رهيا. بعد ۾ کين برطانيه جي ڪنهن ڏورانهين هنڌ اسڪول ۾ داخل ڪري رکيو ويو.

پير صاحب سورهيه بادشاهه جي شهادت مهل سندن صاحبزادي پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني جي ڄمار سورنهن سال هُئي. هن ڄمار ۾ پير صاحب انهيءَ وقت جي انگريز سامراج جي حڪومتي ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت کان واقف هو. پير صاحب شاهه مردان شاهه ثاني درگاهه شريف جي بنگلي ۽ ڪوٽ کي بمباري ذريعي مسمار ٿيندي ڏٺو ته ساڳي وقت ڳڙنگ بنگلي کي تباهه ٿيندي پنهنجي اکڙين سان ڏٺو هو. پير صاحب ۽ سندن ڀاءُ کي ڪيئن نه پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ پنهنجي والده ماجده کان الڳ ڪري پڙهائي جي بهاني تمام ڏور موڪليو ويو. اهي ماضي جي تلخ تاريخ جا نقش پير سائين پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني جي دِل ۽ دماغ تي چِٽيل رهيا. ساڳي وقت انگريز سامراج جي قبضي خلاف آزادي جي جنگ جوٽيندڙ ۽ مسڪرائيندي ڦاسي جو ڦندو چُمندڙ پير سائين صبغت الله شاهه سورهيه جا لوڙهن ۾ قيد لکين حُر ستيتالهين واري آزاديءَ بعد به قيدي بڻجي جيلن ۽ لوڙهن جو اذيتون ڀوڳيندا رهيا.

1949ع ڌاري مُلڪ جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان ٻنهي صاحبزادن سان ملاقات ڪري گاديءَ بحالي جو اعلان ڪيو هو. پوءِ واپسي تي شايد لاچارگي ڏيکاري! انهيءَ بعد پير صاحب سورهيه بادشاهه جي ٻنهي صاحبزادن جي وطن واپسي لاءِ ٻيهر ڪوششون ٿيڻ لڳيون، جنهن ۾  حُر جماعت جي سرڪرده فقيرن جو هٿ هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو گورنر دين محمد شيخ مقرر ڪيو ويو، تنهن گاديءَ جي بحالي جي حوالي سان ذاتي دِلچسپي ورتي، جنهن جو سبب شيخ صاحب سوئي شريف درگاهه جو مُريد  هو، سوئي شريف وارا بزرگ حضرت پير روزي ڌڻي رحمت الله عليه جي درگاهه مان فيضياب آهن. شيخ صاحب انهيءَ نقطي تي فوڪس ڪري معلومات ورتي ته شهيد سورهيه بادشاهه جي ٻنهي صاحبزادن جي واپسي ۽ گادي جي بحالي ۾  ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ کيس به پتو پئجي ويو ته مسلم ليگي ۽ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر نه ٿا چاهين، جو متان پير صاحب واپس اچي کانئن پنهنجي والد ۽ حُرن جو پلاند نه وٺن! سنڌجي تڏهوڪي گورنر دين محمد شيخ پير صاحب جي اهڙي مثبت موٽ بابت سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ مسلم ليگين سميت بااثر سياسي ماڻهن کي آگاهه ڪيو، ان بعد پير صاحب پاڳاري جي گادي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. چوٿين فيبروري  1952ع تي ٻئي صاحبزادا جلاوطني جو اذيتناڪ پنڌ ختم ڪري پنهنجي ڏيهه واپس موٽيا، جتي سندن جماعت طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو. هر طرف پير صاحب جن جي جماعت ۾ ٻنهي صاحبزادن جي آمد تي خوشين جا منظر هئا.

درگاهه شريف حضرت پير سائين روزي ڌڻي رحمت الله عليه تي ڏهن سالن کان پوءِ پيرانِ پاڳاره جو مُرشدي سلسلو باقاعده شروع ٿي ويو. پير صاحب گاديءَ جي بحالي بعد پهرين اپريل 1952ع تي لوڙها ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، حُر جماعت جا هزارين لوڙهن مان آزاد ٿي پنهنجي ماڳن، مڪانن ڏانهن موٽيا، جتي سندن  گهرن جا نقش به نه ملي سگهيا، ٻنيون ٻارا ٻين جي حوالي ٿي چُڪا هئا، گهر باهه ۾ ڀسم ٿي رک بڻجي ويا هئا.

پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني پنهنجي خداد صلاحيتن ذريعي پنهنجي انهيءَ جماعت جي سرواڻي جو بار کنيو، جنهن جماعت جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت انتهائي پسماندگي جو شڪار هُئي، فقط اخلاقي حالت جيئن جو تئين هُئي، اهڙي صورتحال ۾ پير سائين پاڳاري پنهنجي روحاني جماعت جي سياسي، سماجي ۽ معاشي اسٽيٽس بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيائون، جتي پير صاحب پاڳاري سياسي ميدان  ۾ غير روايتي سياسي ٽرينڊ ۽ انداز متعارف ڪيائون. پير صاحب شاهه مردان شاهه ثاني جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ جو انداز  نرالو هو، جو هُو پنهنجي سياسي بيان ۾ بنا رک رکاءَ جي، ذو معنيٰ ۾  جيڪي اصطلاح يا  محاورا ڪندو هو، جنهن جي اصل معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ وڏا وڏا صحافي ۽ اهل دانش مونجهاري جو شڪار ٿيندي ڏٺا ويا. پير صاحب پنهنجي مخصوص سياسي اسٽائيل جو مالڪ هجڻ ڪري سڄي دُنيا ۾ جُدا حيثيت رکندڙ  سياستدان هو. پير سائين پاڳاري پنهنجي سڄي سياسي حياتي ۾ پنهنجي ڪنهن به ڳالهه، سياسي بيان يا فيصلي جي وضاحت نه ڏنائون، پير سائين پاڳارو صحافين آڏو ويهي ڪيئي پُڇيل سوالن جا جواب فوري طور تي مزاح واري انداز ۾  نون نون سياسي اصطلاحن سان ڏيندو هو، ايستائين جو صحافي ٿڪجي ويندا هئا، پير صاحب کانئن سوال طلبي ڪندو هو. پير صاحب پاڳاري کي پنهنجي گفتار تي پورو پورو ضابطو هو، سندن ياداشت ايتري سگهاري هوندي هُئي جو  دماغي تيزي حيران ڪندڙ هُئي.

پير صاحب پاڳاري سچي سياست  جو امين هو، ڪڏهن به ڪوڙ جي سياست نه ڪئي، هميشه سچي ۽ کري ڳالهه ڪندو هو. سياست ۾ ڪنهن کان بدلو نه وٺندو هو، احتجاجن، جلسن، جلوسن ۽ ريلين واري سياست کي وقت جو زيان چوندو هو. سندن ڪيئي سياسي اڳڪٿيون وقت تي درست ثابت ٿيون. ڪنگري هائوس هميشه مُلڪي سياست جو مرڪز بڻيل رهيو. پاڻ هميشه بادشاهه گري جي سياست ڪيائون، سندن مُلڪي سياست ۾ مثبت ڪردار رهيو آهي.

پير صاحب پاڳاري جن مُلڪ جو محب ۽ قوم جو محسن هو، جنهن هميشه وطن ۽ قوم جو تحفظ ڪيو، سندن محب وطني جو ثبوت 1965ع ۽ 1971ع واريون پاڙيسري مُلڪ ڀارت خلاف جنگيون آهن، جنهن ۾ پير صاحب پاڳاري جو ڪردار ناقابل فراموش آهي. دُنيا ڏٺو ته پاڻ عمرڪوٽ ۾ پهچي پنهنجي جماعت جي ماڻهن کي حُر مجاهد فورس ۾ ڀرتي ڪيائون. پوءِ رڻ ڪڇ کان رحيم يار خان تائين حُر مجاهدن پير صاحب جي حڪم تي شهيد خليفه فقير محمد امين مڱريي جي سالاري ۾ “ڀيڄ پاڳاره” جي نعران سان دشمن فوج کي شڪست ڏني.  هزارين حرن پنهنجيون قربانيون ڏنيون.

پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني رحمت الله عليه پنهنجي تاريخي ۽ عظيم ڪردار ۽ خدمتن جي ڪري هميشه ياد رکيو ويندو، ڇو جو پير صاحب پاڳاره ڇٽ ڌڻي رحه هن مُلڪ ۽ قوم جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هئا.

نـــه ســي تــــڙ هوڙاڪ، نه وايـــون وڻــجارن جــون!

ســــَرتيون ســـامونڊين جـــا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

مـــــاريــنــم فــــراق، پــاڙيـــچِـيــــون پِـــريـــن جـــــا.