25مئي هنگامن واري ڪيس ۾ عمران بري: جيل ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد

ڊسمبر 18, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

 جيل انتظاميا موقف اختيار ڪيو ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي، جيل سپرٽنڊنٽ غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ اسلام آباد جي عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو

ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش نه ٿي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بشريٰ بي بي کي لاهور مان اچڻو پوندو آهي، تاريخ ڊگهي ڏئي ڇڏيندا ڪريو

عدالت رمارڪس ڏنا ته بشريٰ بي بي ڪجهه عرصي لاءِ اسلام آباد ۾ مسواڙ تي گهر وٺي، بار بار ٻڌڻي ملتوي نٿا ڪري سگهون، عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين  جو جيل ۾ ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

 هوڏانهن عمران خان جي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ جيل ۾ فوري طور ٽرائل روڪڻ واري استدعا رد ڪئي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گهرو وزارت جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن 8 ڊسمبر تي جاري ڪيو عدالت چيو ته اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ آهي، اِن عدالت جو اختيارن جو دائرو اسلام آباد ۽ راولپنڊي جيترو آهي

ٻئي طرف اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت 25 مئي تي لانگ مارچ، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيسز ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ اسد عمر کي بري ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي سول جج نويد خان ڪئي

عدالت ٻين جوابدارن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 24 فبيروي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عمران خان ۽ اسد عمر خلاف ڪورال ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل هو

Leave A Comment