| 25مختيارڪارن کي پوسٽنگ: 5 کي ڊبل چارج ملي وئي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روينيو اختيارين پاران پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 25 مختيارڪارن جون مقرريون، 5 مختيارڪارن کي اضافي چارجون سونپيون ويون، ان ڏس ۾ ڪشمور جي مختيارڪار عبدالرحمان کوسو کي اسٽيٽ هيڊڪواٽر ڪشمور، جيڪب آباد جي مختيارڪار عبدالقيوم سڌايو کي اسٽيٽ هيڊڪواٽر جيڪب آباد، مٺي جي مختيارڪار شاهد مصطفيٰ سومرو کي اسٽيٽ هيڊڪواٽر مٺي (ٿرپارڪر)، سکر جي مختيارڪار مقصود بُلو کي اسٽيٽ پنو عاقل ۽ ٽنڊو محمد خان جي مختيارڪار فهد خليل الله بُلو کي اسٽيٽ ٽنڊومحمد خان جي اضافي چارج ڏني وئي. جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 25 مختيارڪارن کي مختلف تعلقن ۾ مقرر ڪيو ويو، جن مان عزيز الله خاصخيلي کي اسٽيٽ بدين مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته مختيارڪار فيضان سمون، شفيع الله عباسي، امتياز ڪاملاڻي، ربن ملڪ، راشد نواز راڄڙ، علي رضا ملڪ سميت 25 مختيارڪارن جون مقرريون ڪيون ويون آهن.