فلسطين ۾ اجتماعي قبر مان 250 لاش هٿ: هزارين اسرائيلي نيتن ياهو خلاف روڊن تي اچي ويا

اپريل 22, 2024

تل ابيب/ غزه (م ڊ) غزه ۾ الشفا سپتال ۽ بيت لاحيه کان پوءِ فلسطين جي شهر خان يونس جي نصر ميڊيڪل ڪيمپ ۾ اجتماعي قبر هٿ آئي آهي، جنهن مان 250 فلسطيني شهيدن جا لاش هٿ آيا آهن. فلسطيني ايمرجنسي سروس خان يونس شهر جي نصر ميڊيڪل ڪيمپ مان هڪ اجتماعي قبر هٿ ڪئي، جنهن مان 250 لاش هٿ آيا آهن.  فلسطين ايمرجنسي سروس موجب هٿ آيل لاشن مان اڪثر جون کلون ۽ عضوا غائب هئا. سندن ٽيم ڳولا جو پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، ڇو جو اڃا به ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد، جن بابت خبر ناهي ته اهي جيئرا آهن يا اسرائيلي فوج انهن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. اجتماعي قبر اسرائيلي فوج جي 7 اپريل تي خان يونس شهر مان نڪرڻ کان پوءِ دريافت ٿي، شهر جو گھڻو حصو اسرائيلي فوج لاڳيتو بمباري ۽ حملن جي نتجيي ۾ کنڊرن جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل جي بمباري ۾ تباهه ٿيل گهر جي ملبي مان هڪ ٻارڙي کي هڪ ڏينهن بعد جيئرو ڪڍيو ويو آهي. فلسطيني سوشل ميڊيا ڪارڪن محمد صفا پنهنجي ٽوئٽر هينڊل تي ان ٻارڙي جي تصوير شيئر ڪئي ۽ چيو ته ٻارڙي کي سڄي رات ملبي هيٺان دٻيل هجڻ بعد جيئرو ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ان ٻارڙي جي جيئري هجڻ ڪري سوشل ميڊيا تي تصوير شيئر نه ڪئي وئي آهي جيڪڏهن هي سندس لاش هجي ها ته هرڪو ان کي شيئر ڪري ها. هاڪاري عمل پکيڙيو. هوڏانهن   اسرائيل ۾ هزارين ماڻهن اسرائيلي حڪومت خلاف مظاهرو ڪندي وزيراعظم نيتن ياهو کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. غزه ۾ گذريل ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري جنگ باوجود يرغمالين جي آزادي ۾ ناڪامي ۽ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس سان معاهدو نه ڪرڻ تي هزاري ماڻهن  يهودي حڪومت خلاف مظاهرو ڪيو. خابرو ايجنسي موجب اسرائيلي آبادڪارن هزارن جي تعداد ۾ تل ابيب، يروشلم، بيت شوا، قيصره ۽ حائفه ۾ مظاهرا ڪيا.  مظاهرين چيو ته وزيراعظم نيتن ياهو ناڪام ٿي چڪو آهي. کيس هڪدم برطرف ڪيو وڃي. قيدين جي مٽاسٽا ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن. سندن چوڻ هو ته حڪومت کي اهو سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته کين اقتدار جو ڪو حق نه آهي، حڪومت کي هڪدم هٽائي نين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.

Leave A Comment