26هين ترميم آئين جو موت ۽ 27هين ترميم تدفين آهي: اپوزيشن پاران ڪاميٽي جو بائيڪاٽ: اڄ کان تحريڪ شروع

26هين ترميم آئين جو موت ۽ 27هين ترميم تدفين آهي: اپوزيشن پاران ڪاميٽي جو بائيڪاٽ: اڄ کان تحريڪ شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ف، پختونخوان ميپ ۽ ايم ڊبليو ايم پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.  پارلياماني ڪاميٽي پاران اپوزيشن جي شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، اپوزيشن اتحاد تحريڪِ تحفظ آئينِ پاڪستان پاران 27هين ترميم خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ته هن هفتي اسلام آباد ۾ قومي مشاورتي ڪانفرنس سڏائي ويندي،27هين ترميم جي جعلي منظوري جي ڏينهن ملڪ ڀر ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. عوام کي اپيل ڪئي ويندي ته ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ۾ شامل ٿين، مشاورتي اجلاس کانپوءِ ملڪ گير جلسا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون، محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پارليامينٽ کي هلڻ نه ڏنو ويندو، اڄ کان تحريڪ شروع آهي، فردِ واحد جي مضبوطي پاڪستان کي نه بچائيندي، سڀني کي خبردار ڪريون ٿا ته 27هين ترميم ملڪ جي بُنيادن تي حملو آهي، موڪل واري ڏينهن آئين تي حملو ڪيو ويو، پاڪستان جي بنيادن تي حملو ٿيو آهي، هي به 9/11 آهي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته شخصيتن جي فائدي ۽ نقصان کي آڏو رکي ترميم ڪئي وئي، آئين جو شخصيتن سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي، اشرافيه پنهنجي مفادن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪري رهي آهي، علامه راجا ناصر عباس چيو ته پارليامينٽ ۽ عدليه کي تباهه ڪيو ويو آهي، حڪمران ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، اسان اها تباهي روڪڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.
 اسلام آباد: پي ٽي آءِ پاران سينيٽ ۾ 27هين ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو ويو آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر 26 ترميم کي آئين جو موت ۽ 27 آئيني ترميم کي آئين جو جنازو ۽ آئين کي دفنائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو. ڪالھه ٻئي ڏينهن به 27 آئيني ترميم تي بحث جاري رهيو، سينيٽر علي ظفر سينيٽ ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جو جنازو ڪڍيو وڃي،. آئين جو هڪ بنيادي اصول سولين جي بالادستي آهي، آزاد عدليه ضروري آهي،  پي ٽي آءِ هن آئيني ترميم جي مخالفت ڪري ٿي، آمرن جي دور ۾ به آئيني ترميمن چار کان 6 مهينا لڳا، 18هين ترميم کي 9 مهينا لڳا هئا، آئين ۾ ترميم ڪنهن عمارت جي پيڙهه سان ڇيڙڇاڙ آهي، غلطي تي سموري عمارت ڊَهِي سگهي ٿي، توهان ڪنهن عمارت جي پِيڙهه تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، هي سڀ ڪجهه ڇوٽ وٺڻ لاءِ ٿي رهيو آهي، 27هين ترميم جو سڀ کان وڏو زهر ٽرانسفر آف ججز آهي، حڪومت پاڻ ئي آئيني عدالت جا ججز مقرر ڪندي ۽ پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺندي، سپريم ڪورٽ جج کي سپريم ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بڻايو ويو آهي، سموري طاقت هڪ وفاقي آئيني عدالت کي ڏني پئي وڃي. سينيٽر حامد خان چيو ته ته ڪڏهن به آئيني ترميم ائين ناهي آندي ويندي. آئين ۾ ترميم آڻڻ کان اڳ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو آهي، جن ماڻهن آئين ٺاهڻ ۾ اڳواڻي ڪئي، انهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شامل هيو، جنھن هر مخالف جماعت کي اعتماد ۾ ورتو هو، پهرين ضياءَالحق پوءِ مشرف آئين تي راتاهو هنيو، 26هين آئيني ترميم آئين جو موت هو ۽ 27هين  آئيني ترميم آئين کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش آهي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته اسان آئين ۽ قانون سان هڪ وڏي زيادتي ڪرڻ وڃون پيا. هي هڪ ڪارو بِل آهي، عدليه جو جنازو نڪري رهيو آهي، سينيٽر محسن عزيز چيو ته هن آئيني ترميم ۾ اهڙي ڪهڙي جلدي آهي، ترميم تي بحث ڪرڻ جي گنجائش به ناهي رهي، اجازت به ناهي. اهڙي حالت ۾ جڏهن اپوزيشن ليڊر ئي موجود ناهي، هي ڪهڙي جمهوريت جي علامت آهي.