26هين ترميم بابت فيصلي تائين اڄوڪو جوڊيشل ڪميشن اجلاس ملتوي ڪريو: جسٽس منصور جو چيف جسٽس کي خط

ڊسمبر 6, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي سڀاڻي سڏايل جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، خط ۾ جسٽس منصور شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، 26هين آئيني ترميم ڪالعدم قرار ڏني وئي ته جڊيشل ڪميشن تحت سمورا فيصلا ۽ ججز جون مقرريون اڻ اثرائتيون ٿي وينديون، سڀاڻي (اڄ) سڏايل جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي، جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ چيو آهي ته موجوده ڪميشن 26 هين آئيني ترميم تحت ٺاهي وئي آهي جنهن جي آئيني حيثيت سپريم ڪورٽ ۾ مختلف درخواستگذارن چئلينج ڪئي آهي، 26هين آئيني ترميم تي تقريبن 20 کان وڌيڪ درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، فيصلو اچڻ کان اڳ ڪميشن جي قانوني حيثيت شڪي آهي، جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ چيو ته جيڪڏهن آئيني ترميم ڪالعدم قرار ڏني وئي ته ڪميشن تحت ٿيندڙ سمورا فيصلا ۽ ججز جون مقرريون اڻ اثرائتيون ٿي وينديون، ان سان عدليه جي وقار ۽ اداري جي ساک کي به نقصان ٿيندو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته  سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ذريعي درخواستن کي ٻڌي معاملو حل ڪري سگهجي ٿو، ان سان قانوني حيثيت تي سوال ختم ٿي ويندا ۽ عوام جو عدليه تي اعتماد بحال ٿيندو. خط ۾ ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي آئيني بينچ ۾ ڪيل نامزدگين تي به تحفظات ظاهر ڪندي چيو ويو ته اهليت، صحت وغيره جي جاچ ناهي ڪئي وئي، اهڙيون مقرريون درست ناهن، صرف عددي بنيادن تي مقرري ڪئي وئي، ڪميشن اجلاس جا منٽس به جاري ناهن ڪيا ويا.

Leave A Comment