| 26هين ترميم خلاف 10 نومبر تي مقرر ٻڌڻي ملتوي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي 10 نومبر تي رٿيل ٻڌڻي بينچ جي عدم موجودگيءَ سبب ملتوي ڪئي وئي. رجسٽرار آفيس آئيني ترميم ۽ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ڊي لسٽ ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. آئيني بينچ ڄاڻايل ڪيسن جي ٻڌڻي 10 نومبر تي مقرر ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي.