26 نومبر احتجاج ۾ استعمال ڪيل لٺيون، غليل ۽ بلور پيش

26 نومبر احتجاج ۾ استعمال ڪيل لٺيون، غليل ۽ بلور پيش

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ راولپنڊي جي عدالت 26 نومبر جي احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران گرفتار جوابدارن وٽان هٿ آيل لٺيون، جهنڊا، غليل ۽ بلور عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. ٻڌڻي دوران باني پي ٽي آءِ عليمه خانم به عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران مجموعي طور 8 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ڪيس ۾ هن وقت تائين 16 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن. ٻڌڻي لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪ جاري رهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر ظهير شاهه پنهنجي ٽيم سميت عدالت ۾ موجود هو، جڏهن ته عليمه خانم طرفان وڪيل فيصل ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو. اي ٽي سي جج امجد علي شاهه عليمه خانم سميت 11 جوابدارن خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.