ڪامورن پاران 26 ھزار خيما، 80 هزار مڇر دانيون، 25 هزار چٽايون ۽ سامان برسات متاثرن ڏانهن موڪلڻ جي دعويٰ

آگسٽ 19, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آهي ته  مڪاني ادارا ۽ ضلعي انتظاميا سموري سرڪاري مشينري کي ٻاھر ڪڍي اچن، برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي، آبپاشي کاتو پيٽرولنگ وڌائي تھ جيئن بئراجن ۽ واھن کي گھارو پوڻ کان بچائي سگھجي. ڪالھ  سنڌ ۾ برسات بابت اعليٰ سطحي  اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو  تھ سکر، دادو، جيڪب آباد ۽ نوشھرو فيروز  101 کان 247 ملي ميٽرز تائين مينھن وسيو آھي، جنھن سان روڊ ۽ گھٽيون ٻڏي ويون آھن. وڏي وزير حڪم ڏيندي چيو تھ شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ برسات جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن. اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ڪمشنرن جي رپورٽن مطابق سکر ۾ 247، دادو ۾ 181، جيڪب آباد ۾ 104، خيرپور ۾ 101 ۽ نوشھرو فيروز ۾ 69 ملي ميٽرز مينھن وسيو آھي جيڪو تمام گھڻو آھي.  مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو تھ سموري سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي چوڪس ڪيو ويو آھي ۽ مينھن سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن لاءِ سموريون ضروري گھرجون پوريون ڪيون ويون آھن.  سکر جي ڪمشنر فياض عباسيءَ وڏي وزير کي آگاھھ ڪيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر ۾ چار ڀيرا تيز مينھن وسيو آھي، جنھن دوران گڏيل طور تي 263 ملي ميٽرز مينھن وسيو. ھن ٻڌايو تھ نيو سکر ۾ 174 ملي ميٽرز، سکر سٽي ۾ 227 ملي ميٽرز، روھڙيءَ ۾ 171 ملي ميٽرز، پنوعاقل ۾ 111 ملي ميٽرز، صالح پٽ ۾ 91 ملي ميٽرز مينھن ريڪاڊ ڪيو ويو. ھن وڌي چيو تھ ٽي ڀيرا مينھن وسڻ کان پوءِ روڊن ۽ گھٽين مان ٽن ڪلاڪن اندر پاڻي ڪڍيو ويو جڏھن تھ چوٿين ڀيري وسندڙ مينھن واري پاڻيءَ جي نيڪالي وارو ڪم ھلندڙ آھي. خيرپور شھر ۾ 106 ملي ميٽرز، ڪنگريءَ ۾ 105 ملي ميٽرز، سوڀو ديرو ۾ 45 ملي ميٽرز، ڪوٽڏيجي ۾ 40 ملي ميٽرز، نارو ۾ 30 ملي ميٽرز، فيض گنج ۾ 21 ملي ميٽرز، ٺري مير واھھ ۾ 19 ملي ميٽرز ۽ گمبٽ ۾ 17 ملي ميٽرز برسات ريڪارڊ ڪئي وئي. ھن ٻڌايو تھ خيرپور مان مينھن جي پاڻيءَ جي نيڪالي ڪئي وئي آھي.  گھوٽڪي ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ مينھن 45 ملي ميٽرز خان ڳڙھھ ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو، جڏھن تھ ضلعي جي باقي ٻين تعلقن ۾ 16 ملي ميٽرز کان وڌيڪ مينھن ريڪارڊ ناھي ڪيو ويو.  لاڙڪاڻي جي ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦل وڏي وزير کي آگاھي ڏني تھ لاڙڪاڻي ۾ 51 ملي ميٽرز، قمبر ۾ 59 ملي ميٽرز، وارھھ ۾ 56 ملي ميٽرز، باقراڻي ۾ 23 ملي ميٽرز ۽ ڏوڪري ۾ بھ 23 ملي ميٽرز برسات ريڪارڊ ڪئي وئي. ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ جيڪب آباد ۾ 104 ملي ميٽرز، ٺل ۾ 74 ملي ميٽرز، ڳڙھي خيرو ۾ 33 ملي ميٽرز مينھن جو وسڪارو ريڪارڊ ڪيو ويو. شڪارپور ۾ 41 ملي ميٽرز ۽ ڊويزن جي ٻين علائقن ۾ 54 کان 70 ملي ميٽرز مينھن ريڪارڊ ڪيو ويو. حيدرآباد جي ڪمشنر بلال ميمڻ ٻڌايو تھ دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھھ۽ جوھيءَ ۾ ترتيبوار 181 ۽ 133 ملي ميٽرز، دادو ۾ 87 ملي ميٽرز ۽ ميھڙ ۾ 133 ملي ميٽرز مينھن ريڪارڊ ڪيو ويو،  ٿاڻو بولا خان ۾ 33، مٽياريءَ ۾ 36، ٽنڊو الھيار ۾ 24، ميرپور خاص ۾ 56 ملي ميٽرز، حسين بخش مري ۾ 54 ملي ميٽرز مينھن ريڪارڊ ڪيو ويو. شھيد بينظير آباد جي ڪمشنر اجلاس ۾ ٻڌايو تھ نوشھرو فيروز ۾ 64 ملي ميٽرز، ڪنڊيارو ۾ 57 ملي ميٽرز، مورو ۾ 45 ملي ميٽرز، ڀريا ۾ 42 ملي ميٽرز، سانگھڙ ۾ 58 ملي ميٽرز، سنجھورو ۾ 37 ملي ميٽرز ۽ دوڙ ۾ 25 ملي ميٽرز مينھن ريڪارڊ ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊي ايم اي 35 ڊيزل انجڻ، 8 پاڻي ڪڍڻ واريون مشينون، 2 ميراج ٽيڪ، 12 ٽريڪٽر فراهم ڪريا آھن. نقصانن بابت آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو ته 21 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 48 گھرن کي نقصان پھتو آهي ۽ پنج مينھون مري ويون آھن. ڊي جي (پي ڊي ايم اي) ٻڌايو تھ 26 ھزار 15 خيما، 80 هزار 750 مڇر دانيون، 25 هزار 650 چٽايون، 12 هزار 3 سئو ڪاٽن جا گدا، 12 هزار 900 دريون، 7 هزار 700 هاءِ جين ڪٽ ۽ 25 هزار جيري جين سامان برسات متاثر علائقن ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي،  سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ھو ڪمشنر حيدرآباد سان رابطي ۾ آھي ۽ ڪنهن به ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي چوڪس ڪيو ويو آھي. اجلاس ۾ سمورن ضلعن جي ڊي سيز حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف بجلي بندش جي شڪايت ڪئي جنهن سبب پاڻي جي نيڪاليءَ وارو ڪم بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، جنھن تي وڏي وزير ھدايت ڏيندي رٿا بندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي چيو تھ بجليءَ جي ڪمپنين سان ڳالھائي ۽ ان ڳالھھ کي يقيني بڻايو وڃي تھ پمپنگ اسٽيشنز کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن کيرٿر جي جابلو جي سلسلي ۾ مينھن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته موجوده ڍانچي تازي ٻوڏ جي اڳڪٿي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سکر بيراج جا چيف انجنيئر ۽ چيف ڊرينيج انجنيئر چوڪس رھن ۽ ٻوڏ وارن حساس علائقن تي سخت نظر رکي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سندس ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو وٺي رھيو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايم اين وي ڊرين ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي پڻ نگراني ڪئي وڃي.

Leave A Comment