مالي سال 2026-27 جي بجيٽ 5 جون تي پيش ٿيندي: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو

مالي سال 2026-27 جي بجيٽ 5 جون تي پيش ٿيندي: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سال 2026-27 جو وفاقي بجيٽ ايندڙ مهيني 5 جون تي پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ٻٽي خوشخبري آهي. سال 2026-27 جو وفاقي بجيٽ ايندڙ مهيني 5 جون تي پيش ڪيو ويندو. ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪيا ويا آهن ۽ صدر آصف زرداري اعليٰ ۽ هيٺين ايوانن جا اجلاس سڏائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس جون ايجنڊائون به جاري ڪيون وينديون جڏهن ته 60 کان وڌيڪ پارلياماني ميمبرز حج جي ادائيگي  لاءِ سعودي عرب ويل آهن، جن کي پڻ جُونِ جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ وطن واپسي جي هدايت ڪئي وئي آهي. بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ قومي اقتصادي سروي 4 جون تي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس پڻ 5 جون تي ٿيندو. نئين بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ هڪ نه پر ٻه خوشخبريون ڏيڻ جو امڪان آهي، جن جون تجويزون غور هيٺ آهن. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ تقريبن 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کان علاوه، پگهاردار طبقي ۽ پينشنرز کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون تيار ڪيون ويون آهن. انهن ۾، 4 ايڊهاڪ الاؤنسز مان هڪ کي به بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ کان ٻه لک رپيا مهينو ڪمائيندڙ گروپ کي رليف ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي ۽ 12 کان 22 لک رپيا ساليانو ڪمائيندڙن لاءِ آمدني ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي به اميد آهي. جڏهن ته وڌ هولڊنگ ٽيڪس جون ڪيٽيگريون 52 مان گهٽائي 32 ڪرڻ  جي تجويز  تي به غور ڪيو پيو وڃي.  ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس پهرين جون تي بجيٽ 2026-27 جي حوالي سان ٿيندو. وفاقي وزير منصوبابندي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جا عملدار شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جو جائزو ورتو ويندو، پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي موجوده مالي سال جي پي ايس ڊي پي مانيٽرنگ تي غور ڪندي. سنڌ حڪومت جا عملدار ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ايس ڊي پي سفارشون پيش ڪندا.