| 27ترميم: اپوزيشن اتحاد ۽ وڪيلن پاران اڄ ڪاري ڏينهن جو سڏ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس يو پي سربراهه زين شاهه چيو آهي ته 27 ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ پاڪستان پاران اڄ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن به تحريڪ تحفظ پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، اڄ سموري سنڌ ۾ وڪيل ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارو ڏينهن ملهائيندا، ڪالهه ايس يو پي سربراهه زين شاهه سٽي ڪورٽ پهچي ڪراچي بار جي اڳواڻن عامر نواز وڙائچ، ڪاظم مهيسر، رحمان ڪورائي، حسيب پنهور ۽ ٻين سان ملاقات ڪري 27هين ترميم خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي، وڪيل اڳواڻن ڪاري ڏينهن جي حمايت ڪئي، بعد ۾ زين شاهه ڪراچي بار جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان وٽ پڙهائي ويندڙ تاريخ ملاوٽي ۽ جعلي آهي، هن چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ رضاڪارانه طور شامل ٿي هئي. هن چيو ته 18 هين ترميم عملي طور ختم ٿي چڪي آهي، هن چيو ته تحريڪ تحفظ پاڪستان طئه ڪيو آهي ته 27 ۽ 26 هين ترميم کي ختم ڪرايو ويندو، تحريڪ تحفظ پاڪستان جو پهريون جلسو حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو ، هن چيو ته سنڌ حڪومت 144 قلم ذريعي ڊيڄارڻ چاهي ٿي، مون تي 3 ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح جا قانون ملڪ کي هلائي نٿا سگهن ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته26 ۽ 27 هين ترميمون آئيني ناهن، انهن ذريعي عدليه جو جنازو ڪڍيو ويو آهي.