| 27هين ترميم: آئيني ڪورٽ کي نوٽيس ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ27هين آئيني ترميم ۽ آئيني عدالت جي ججن جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي آئيني ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي نوٽيس جاري ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، بيرسٽر علي طاهر 27 هين ترميم خلاف داخل درخواست ۾ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين ۽ ٻين کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 27هين آئيني ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف آهي، آئيني ترميم ذريعي عدليه ۾ بنيادي تبديليون ڪيون ويون آهن،