| 27هين ترميم اختيارين جي ورڇ جي اصولن خلاف آهي (يو اين هاءِ ڪمشنر) پاڪستان بيان رد ڪري ڇڏيو |
واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ+ بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر 27هين ترميم تي خدشن جو اظهار ڪري اختيارن جي ورڇ جي اصولن خلاف قرار ڏئي ڇڏي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ٽرڪ بيان ۾ چيو آهي ته جلد بازي ۾ منظور ڪيل 27هين ترميم عدليا جي آزادي کي ڪمزور ڪري ٿي، 26هين ترميم جيان 27هين ترميم به وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سان مشاورت ۽ بحث کانسواءِ ڪئي وئي، هن چيو ته 27هين ترميم ملڪ ۾ اختيارن جي ورڇ جي اصولن خلاف آهي، ترميم احتساب ۽ قانون جي حڪمراني جي احترام تي شديد خدشن کي جنم ڏئي ٿي، ترميم سان عدليا کي سياسي مداخلت ۽ انتظامي ڪنٽرول جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، وڏي پئماني تي ڏنل ڇوٽ جمهوري ڪنٽرول کي ڪمزور ڪري ٿي ٻئي طرف پاڪستان 27هين ترميم بابت گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ جي منظور ڪيل 27هين ترميم تي گڏيل قومن جي بنا سبب ڳڻتي سمجهه کان ٻاهر آهي، آئيني ترميم عوام جي چونڊيل نمائندن جو مڪمل اختيار آهي، جمهوري طريقيڪار جو احترام هئڻ گهرجي، پاڪستان انساني حقن، انساني وقار، بنيادي آزادين ۽ قانون جي حڪمراني جي تحفظ جي عزم تي قائم آهي، پرڏيهي وزارت بيان ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو موقف ۽ زميني حقيقتون گڏيل قومن جي بيان ۾ شامل نه ڪيون ويون آهن، يو اين هاءِ ڪمشنر خودمختيار فيصلن جو احترام ڪري ۽ سياسي تعصب ۽ غلط معلومات تي ٻڌل تبصرن کان پاسو ڪري