| 27هين ترميم تمام ڊگهي جدوجهد جو نتيجو آهي، منظوري تي مبارڪون ڏيان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن شهر ۽ هتان جي ماڻهن جو 1973ع واري آئين ۽ 18 هين ترميم ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، هن ملڪ جي معيشت ۾ پاڪستان جي هارين جي رت ۽ پگهر محنت شامل آهي ته ملڪ جي آئين سازي ۾ به لاڙڪاڻي وارن جو رت ۽ پگهر شامل آهي، 27 هين آئيني ترميم ۾ ڪهڙي ڪاميابي آهي؟ توهان هر صوبي ۾ وڃو ۽ ٻڌايو ته اسان جي آئين ۾ هڪ ڪمزوري ۽ گهٽتائي آئيني عدالت جي آهي، جنهن عدالت کي سمورن آئيني ۽ صوبن جي معاملن کي ڏسڻ گهرجي، ان ۾ برابري جي نمائندگي هجي. ماضيءَ ۾ عدالت جي غلط فيصلن جمهوريت ۽ وفاق کي نقصان پهچايو، لاڙڪاڻي جي وزيراعظم کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي غلط تاثر ۽ پيغام ڏنو ويو ان وقت بدقسمتي سان عدالت جي بئنچ جي ميمبرن جي اڪثريت هڪ صوبي سان هئي ۽ ان عدالت شهيد ڀٽو سان نه صرف ناانصافي ڪئي پر هن ملڪ جي وفاق کي لوڏي غلط تاثر ڏنو، جنهن جا اثر اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته 27 هين ترميم جي ٻين شقن تي ڪجهه اعتراض هجي پر آئيني عدالت ۾ صوبن جا برابر جج هوندا ۽ سڀ جج ملڪ جا وڏا فيصلا برابري جي بنياد تي طئي ڪندا. ان تي ڪنهن کي ڪو به اعتراض نه هوندو، مان توهان سڀني کي هن وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏئي شڪريو به ادا ڪيان ٿو، ته هي تمام ڊگهي جدوجهد رهي آهي. سنڌ جي زراعت کاتي طرفان ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سپورٽ پروگرام 2025ع تحت ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداريءَ لاءِ روڪ رقم جي سڌي ريت منتقلي واري پروگرام جي پي ٽي ايس ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينيظير ڀٽو 30 سالن شهيد ڀٽو جي آئين جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد محترمه جي شهادت کان پوءِ ان آئين کي بحال ڪري چارٽر آف ڊيموڪريسي جي سمورن شرطن کي پورو ڪري ڇڏيو ۽ آئيني عدالت واري هڪ شرط کي پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ انشاءَ الله مان اسلام آباد وڃي اهو ڪري ڏيکاريندس. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا، عالمي ادارن آءِ ايم ايم جي چوڻ تي صوبائي حڪومتن جا هٿ ٻڌي ڇڏيا ته هو ڪڻڪ خريداري ڪري نه سگهندا ۽ نه ئي امدادي قيمت ڏئي سگهن ٿا جنهن سان هارين جي ڊي اي پي، يوريا ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن فيصلن سان نه صرف اسان جي زراعت کي پر پوري ملڪ جي معيشت کي ڌڪ لڳو، مان وزيراعظم جو شڪر گذار آهيان جو هن اسان جي مطالبي تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت مٿان فرض آهي ته هو هارين کي مالي مدد پهچائن، ٻوڏ دوران اسان جو مطالبو هو ته ٻوڏ متاثر وارن علائقن جي بجلي جا بل معاف ڪرڻ گهرجن، وفاقي حڪومت پنجاب سميت ملڪ جي ٻين اهڙن متاثر ضلعن جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو، اسان وزيراعظم کي چيو ته امدادي رقم ۽ خريداري مرڪز نه کلڻ ۽ ٽئڪس ۾ اضافي سان جيڪي هاري 5 سيڪڙو ٽئڪس ادا ڪندا هئا، اهي 15 سيڪڙو ٽئڪس ادا ڪري رهيا آهن، جنهن تي وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ صوبائي حڪومت کي اجازت ڏني وئي ته هو ڪڻڪ جي امدادي اگهه مقرر ڪري امدادي اگهه ڏين، هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته هارين جي مدد ڪري انهن جو آواز بڻجون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته هاري ۽ آبادگار نه صرف اسان کي اناج فراهم ڪندا آهن پر هو ملڪ جي معيشت کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن مان انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو، هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي فصل لاءِ ايندڙ 6 مهينن ۾ ويٽ ايڪسيچنج ٺاهيندي جنهن ۾ اسان هر طريقي سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته هارين ۽ آبادگارن کي پنهنجي فصل جي صحيح قيمت ملي اهڙي طريقي سان سارين جي لاءِ به اسان ايگريڪلچر پراڊڪٽ جي ايڪسينچ بڻائينداسين ته جيئن هارين ۽ آبادگارن کي پنهنجي محنت جو پورو صلو ملي. هن چيو ته فصل جو امدادي اگهه نه ملڻ ۽ زراعت شعبي تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ سان ڪڻڪ جو فصل گهٽ ٿيو آهي جنهن سان ڪڻڪ جا آبادگار ٻئي ڪنهن متبادل فصل ڏانهن وڃي رهيا هئا جنهن سان اسان کي غذائي کوٽ جو مسئلو درپيش اچي ها ڇاڪاڻ ماضيءَ ۾ به غلط پاليسين ۽ غلط فيصل ڪرڻ سان اسان کي ٻاهران ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻو پوندو هو جنهن کان پوءِ چيئرمين ڪڻڪ جي امدادي اگهه 3500 روپيه مقرر ڪيو، هوڏانهن تقريب کان بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص اڏام ذريعي اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو.