| 27هين ترميم جو مسودو شڪي قرار ڏئي رد: پ پ-ن ليگ نوراڪشتي جي روايت ورجائي پئي: اپوزيشن |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي 27هين آئيني ترميم جو مسودو شڪي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. پارلياماني ليڊر سينيٽر علي ظفر جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر علامه ناصر عباس، نورالحق قادري، فلڪ ناز، ڊاڪٽر همايون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ سيشن بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو، 27هين آئيني ترميم خلاف اپوزيشن کي آزاد ميمبرن سان رابطا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ اتحادي پارٽيون ”نورا ڪُشتي“ جي روايت ٻيهر ورجائي رهيون آهن، قانونسازي کي بلڊوز ڪري سڀ آئيني ۽ اخلاقي گهرجن کي لتاڙيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آرٽيڪل 243 بابت مسودو سامهون اچي ته اُن تي ڳالهايو ويندو، آئيني ترميم تي اتفاق راءِ ٿيڻ گهرجي، ائين ناهي ته اڪثريت هجي ته توهان کي جيئن وڻي تيئن ڪريو، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي خاطري ڪرائي وئي هئي ته سندن حصو نه گهٽايو ويندو، اين ايف سي ايوارڊ سان وفاق ڪمزور نه مضبوط ٿيندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت ڪابه ترميم يا بِل کڻي ايندي، پي ٽي آءِ اُن کي رد ڪري ٿي، هن پارليامينٽ وٽ اختيار ئي ناهي جو قانونسازي ڪري سگهي، هينئر ناني ويڙهو نظر اچي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ناني جمهوريت لاءِ وڏيون خدمتون ڪيون آهن، ڪي پي هائوس ۾ پوليس جي ڪارروائي تي ردعمل ظاهر ڪندي اسد قيصر چيو ته صوبائي جاين ۾ اهڙي رويي جو مطلب آهي توهان نفرت وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جلد اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.