27هين ترميم جي شقن تي غور لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو

27هين ترميم جي شقن تي غور لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) 27 هين آئيني ترميم جي شقن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل پارلياماني ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب 27 هين آئيني ترميم سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن کي غور لاءِ ٻنهي ايوانن جي گڏيل ڪاميٽي منظور ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل پارلياماني ڪاميٽي جي صدارت فاروق ايچ نائيڪ ڪندو. ڪاميٽي کي ترميم تي غور ڪرڻ لاءِ ٻه ڏينهن ڏنا ويندا. پارلياماني ڪاميٽي جا اجلاس ڇنڇر ۽ آچر تي به ٿيندا. پارلياماني ڪاميٽي جي رپورٽ سومر تي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ سينيٽ سومر يا اڱاري تي آئيني ترميم جي منظوري ڏيندي. ذريعن موجب ترميم ساڳئي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي بحث کان پوءِ اربع يا خميس تائين ترميم جي منظوري ڏيندي.