27هين ترميم خلاف سنڌ مان تحريڪ شروع: مختلف شهرن ۾ مظاهرا: پوليس پاران رستا روڪ، ڇڪتاڻ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

27هين ترميم خلاف سنڌ مان تحريڪ شروع: مختلف شهرن ۾ مظاهرا: پوليس پاران رستا روڪ، ڇڪتاڻ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪراچي پريس ڪلب آڏو 27هين ترميم خلاف رٿيل احتجاج  کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ايندڙ ويندڙ رستن کي به بند ڪيو ويو، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن کي پوليس پريس ڪلب اچڻ ئي نه ڏنو، هوڏانهن نوابشاهه،  نوشهرو فيروز، ڪنڊيارو، محراب پور، ڀرياروڊ، سٺ ميل ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي ريليون ۽ جلوس ڪڍي  مظاهرا ڪيا ويا،  جن کي مهر علي وسطڙو، فرمان نول، خادم سيال، طالب مبيجو، جسقم اڳواڻ اسد عمراڻي، سجاد ڀٽي سيد ذوهيب  شاهه، انور سولنگي، سجاد مهيسر، عبدالستار ابڙو،  ايس يو پي اڳواڻ سرواڻ جوکيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن ڊاڪٽر راشد مغل، مولا بخش ٿيٻو، پ پ (شهيد ڀُٽو) اڳواڻ شاهنواز سولنگي، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي ڪامريڊ ولايت نوناري، ايڊووڪيٽ آصف جاويد ۽ ٻين خطاب ڪيو. حيدرآباد ۾تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم خلاف اعلانيل ڪارو ڏينهن جي حوالي سان حيدر چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فيصل مغل، مجلس وحدت المسلمين جي مولانا عمران علي دستي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ سليم ترين، هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري سميت عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ مٿان آئيني مارشل لا مڙهي وئي آهي. جنهن خلاف اٿندڙ آواز کان ڊڄي سنڌ جي حڪمرانن هتي قلم 144 مڙهي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي هنئين وئي آهي. هنن چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت جي حيثيت ختم ڪري هڪ اهڙي عدالت جوڙي وئي آهي. جيڪا حڪمرانن جي مرضي سان هلائي ويندي. هنن چيو ته پيڪا ايڪٽ مڙهي آواز کي دٻايو ويو.  27هين ترميم دوران عدليه جي قانوني ۽  آئيني حيثيت ختم ڪئي وئي آهي. هنن چيوته حڪمرانن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اسلام آباد جهڙي شهر ۾ دهشتگردن حملو ڪيو. هاڻي عدليه به محفوظ ناهي بارڊر جي صورتحال به خراب آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به قانون ناهي رهيو ادارا ۽ معيشيت تباهه ٿي وئي آهي. عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته اسان سنڌي ڪي پي ڪي. پنجاب ۽ بلوچستان جيان آزاد حيثيت ۾ رضاڪارانه طور هن ملڪ ۾ شامل ٿيا هئاسين. پر هاڻي اسان جي حيثيت ختم ڪري طاقت جي زور تي اسان مٿان فيصلا مڙهيا پيا وڃن. جيڪي اسين قبول نه ڪنداسين.  ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو اسان به بنگال جيان نڪري پئو، حڪومتون ايتريون ڪمزور آهن جو وڏي وزير جي حيثيت به ناهي. هن چيو ته ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو اسان به بنگال جيان نڪري پئون.. اسٽبلشميٽ کي جيڪڏهن من پسند ماڻهو ئي ملڪ تي مڙهڻا آهن ته پوءِ اليڪشن وارو ڊرامو بند ڪري حڪومتن ۽ جمهوريت جي نالي لڪڻ بجاءِ سڌي مارشل لا سڌو جهيڙي جي ميدان ۾ لهو. هن چيو ته حڪومتون ايتريون ڪمزور آهن جو وڏي وزير جي حيثيت به ناهي. هن چيو ته هي ملڪ هاڻ بندوق جي طاقت تي نه هلندو. صوبن کي آزاد ڪري منصفاڻه اليڪشن ڪرائي مڪمل اختيار ڏنو وڃي. هنن چيو ته ان قانون خلاف آواز اٿاريندڙن تي ڪيس داخل ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسين ڪنهن به ڪيس کان ڊڄڻ وارا ناهيون. 27هين ترميم خلاف جدوجهد جاري رهندي. هنن چيو ته 27هين ترميم خلاف وڪيلن سميت سياسي سماجي پارٽيون سراپا احتجاج بڻيل آهن. اسان جي جدوجهد آئين جي اصل حالت ۾ بحالي، عوام ۽ سنڌ ڌرتي جي حقن ملڻ تائين جاري رهندي. پرامن جدوجهد کان اسان کي ڪير به نٿو روڪي سگهجي. ميرپور خاص ۾ 26هين ۽ 27 ھين ترميم خلاف ملڪ گير اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران پوسٽ آفيس چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ٿيندي ئي ميرپورخاص جي ٽائون پوليس پھچي وئي، جنھن مظاھرين کي ڇڙوڇڙ ڪري، اتان پي ٽي آءِ جي ڊويزنل اڳواڻ آفتاب قريشي، ضلعي اڳواڻ احسان جروار، ايس يو پي جي ڊويزنل اڳواڻ محمد خان مري، ضلعي اڳواڻ لالا اظھر پٺاڻ، محمد علي ڪلوئي، واجد لغاري سميت 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن کي ٽائون ٿاڻي تي رکيو ويو هو، جتي ڪنھن کي بھ ساڻس ملڻ جي اجازت نھ ڏني وئي. ڪجھ دير بعد سمورن گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پوليس پاران اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.  عمرڪوٽ ۾27 ترميم ۽ سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي سازش خلاف پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. لال مالھي چيو ته اسان پوليس جي روڪڻ باوجود احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي عوام 27 ترميم خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪري پيو حُڪمران ناڪام ٿي چڪا آھن. گولاڙچي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ دانش نور سومرو ابو نوحاڻي رحيم پنھور ڊاڪٽر اصغر شاھ مانجھي نوحاڻي جي ڊي اي اڳواڻ محمد حسن شاھاڻي پي ٽي آئي اڳواڻ ملڪ ڪامران حبيب پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو.  نيوسعيدآباد ۾ ايس يو پي  پي ٽي آء وڪيل برادري پاران سهيل احمد قريشي انور ٻرڙو رفيق ترڪ گلزار رند طارق پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏيل احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي. ميھڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن پاران ايس يو پي ۽ پي ٽي آء جي اڳواڻن سڪندر سوڍر ، محمد ايوب کوسو ،حاجي خان مارفاڻي ، عبدالوھاب سانگي ، محبوب کوسو ، صابر سيدپوري ، اسحاق سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڪارو ڏينھن ملھايو ويو. سيوهڻ  ۾سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن نواز علي رند، آزاد غفور نوحاڻي، عبدالحڪيم بڙدي، تاج محمد پنھيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملھائيندي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن تعلقا صدر نواز علي رند جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان ڌمال چوڪ تائين پهچي نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو  هنيو.  کاڻوٺ ۾ غلام رسول کوسو صوفي طارق کوسو دلاور کوسو رزاق کوسو لال خان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ڀان سيدآباد ۾ تحفظ آئين پاڪستان جي زيراهتمام قومپرست جماعتن طرفان ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي ايس يو پي اڳواڻ درياء خان لغاري، اصغر سولنگي، شبير ٻرڙو، پي ٽي آء جو عبدالڪريم بروهي، رحيم بوزدار، اصغر شاهاڻي، علي رضا چنا  جي اڳواڻي ۾ ٻرڙا ھائوس ڀان کان احتجاجي ريلي. پريس ڪلب اڳيان ڌرڻوسخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، تحريڪ انصاف،تحريڪ لبيڪ سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن شريڪ ٿيا.  سجاول ۾ پي ٽي آئي پاران ضلعي صدر سيد ممتاز شاھ بخاري، صديق جانوري، ذوھيب حسين سومرو، مرتضي ٻارڻ، نجف شاعر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب سجاول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. نصيرآباد ۾  تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي پي ٽي آءِ طرفان اعجاز شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  ٺل ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي جمال جوش ٻرڙو،وسيم قريشي ڪامريڊ شعيب احمد نوناري ڪامريڊ بشير احمد سرڪي، ڪامريڊ رشيد ڀٽي،عبدالله ٻرڙو،حسن سنڌي،سڪندر ڪنراڻي،غلام حسين ڪنراڻي،لياقت ٻرڙو،عالم جعفري ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن، شهرين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.  جيڪب آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي علامه مقصود ڊومڪي فدا لکڻ راز خان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون،پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هڻي نعري بازي ڪئي وئي. قمبر ۾ تحريڪ تحفظ آئين جي سڏ تي پي ٽي آءِ طرفان نثار ڏيپر، فدا حسين ٻگهيو ۽ غلام مصطفيٰ سانگاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ضلعي طرفان در مولانا عمران علي چانڊيو، ايس يو پي جي ڊاڪٽر مظهر مغل، منظور شيخ، صدرالدين ڀٽي، پي ٽي آءِ جي رئوف ڪورائي، جاويد بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سکر۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ايڊووڪيٽ محسن سجاد اُترا، عيدن جاگيراڻي، عبدالعزيز ابڙو، علي تقي شاهه، ماجد ڏنور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ڪنڌ ڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران گھنٽا  گھر کان ظريت ساگر بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرھٽو  ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  تائين ريلي ڪڍي وئي.   خيرپور ۾ وڪيلن طرفان ايڊووڪيٽ مجاهد ڦلپوٽو، امداد خميساڻي،شعيب نياز خاصخيلي، سجاد سولنگي، نور حسن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  وئي.