| 27هين ترميم خلاف پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مارچ، ڌرڻو، رستاروڪ، ڌيان هٽائڻ لاءِ 28هين ترميم جو شوشو ڇڏيو پيو وڃي: اپوزيشن |
اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو رپورٽ/م ڊ) اسلام آباد ۾ اپوزيشن جو 27هين آئيني ترميم خلاف پارليامينٽ هائوس کان سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مارچ، ڌرڻو هنيو ويو، پوليس طرفان رستاروڪ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تان چڪريون شروع ٿي ويون، بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ محمود خان اچڪزئي سوڌو ٻين اپوزيشن اڳواڻن پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هڻي آمرِيت مرده باد، جمهوريت زنده باد، 27هين ترميم رد جا نعرا هڻندا رهيا. پي ٽي آءِ چيئرمين پاران 28هين ترميم جا سُرٻاٽ 27هين ترميم تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو آهي ته سڌارن جي گنجاش سدائين هوندي آهي، پر 26هين ۽ 27هين ترميم سان ڪوبه اتفاق نٿو ڪري، حڪومت 27هين ترميم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ 28هين ترميم جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، علامه راجا ناصر عباس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته متفقه آئين کي تڪراري بڻايو ويو آهي، آئين جي روح خلاف ڪابه قانونسازي نٿي ڪري سگهجي، 26هين ۽ 27هين ترميم خلاف ايندڙ جمعي تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، محمود خان اچڪزئي چيو ته جمعي نماز ۾ گڏجي ترميم جي مذمت ڪنداسين، قانون هر اهڙي شيءِ جي مخالفت ڪري ٿو جيڪا اسلام خلاف هجي27هين ترميم قانون کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي، اسان اپوزيشن اتحاد جي وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي رهيا آهيون، جنهن ۾ هر طبقي جا ماڻهو شرڪت ڪندا، 27هين ترميم خلاف پُرامن احتجاج ٿيندو ۽ ڪابه بدتميزي نه ڪئي ويندي، اڳوڻي سينيٽر مشتاق غني چيو ته 27هين آئيني ترميم بنيادي حقن تي ڊرون حملو آهي، ڇوٽ وٺڻ غيرقانوني عمل آهي ۽ عوام اُن کي رد ڪري ٿو، 27هين ترميم خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي. ٻئي طرف باني پي ٽي آءِ سان ڪنهن کي به ملڻ نه ڏنو ويو، عمران خان جي ڀينرن جو اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پوليس بار بار کين ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو پر انهن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس روڊ تي پاڻي هاري ڇڏيو، اهلڪارن ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڏنو، چڪرين بعد ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.