27هين ترميم ذريعي رڳو عدالتن نه پر 24 ڪروڙ عوام جو آواز دٻايو ويو آهي: ڪراچي سيمينار 

27هين ترميم ذريعي رڳو عدالتن نه پر 24 ڪروڙ عوام جو آواز دٻايو ويو آهي: ڪراچي سيمينار 

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سينئر سياستدانن ۽ معاشي ماھرن 27هين ترميم کي ملڪ لاءِ ھاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته 27 ھين ترميم ذريعي عدالتن جو نه پر ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جو آواز دٻايو ويو آهي، اين ايف سي ذريعي ملندڙ فنڊ ضلعي سطح تائين پھچائڻ جو به فارمولا طئه ٿيڻ گھرجي ڪالهه ” اين ايف سي ۾ سنڌ جي حصي جي منصفاڻي حاصلات لاءِ جدوجهد ۽ احتساب” جي سري هيٺ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي سربراھه سيد زين شاھه چيو ته 18 ترميم تي عمل نه ٿيو، اها ترميم بس تاريخ آهي، وفاق جا ماتحت نه پر پارٽنر (ڀائيوار) آھيون، اسين پنهنجي جاگرافي،  رائٽ ٽو رول وٿ ڊيموگرافي ۽ ھزارين سال قديم ٻولي جي بحالي چاھيون ٿا، اسان جا پنهنجا وسيلا بچائڻ چاھيون ٿا، پنهنجو تاريخي حق جتايون ٿا، 27 هين ترميم ذريعي رڳو عدالتن سان نه پر 24 ڪروڙ عوام سان ھٿ ٿي ويو آهي، هاڻ آئيني عدالتن ۾ رٽائرڊ ۽ من پسند جج ايندا، انگريزن جي ڪالونيل سسٽم ۾ عوام کي مئجسٽريٽن ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو ھو، هاڻ ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽن جي مدد سان ڪنٽرول ڪيو ويندو، هن چيو ته اسين ڪراچي کان ڪشمور تائين غير محفوظ آھيون، هن چيو ته ڪراچي ڪمرشل ڪيپٽل آھي، ھتي ڪي 4 جو منصوبو ڪيترن سالن کان ھلي پيو، شهرين کي ٽيڪرز ذريعي پاڻي ملي ٿو، سرڪيولر ريلوي جو منصوبو به مڪمل ناھي،  سمنڊ ۾ گٽرن جو پاڻي بنا ٽريٽمنٽ ڇو ڇڏيو پيو وڃي؟ اسان عوامي حقن لاءِ عوامي جدوجهد ڪنداسين،  اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر  وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته طاقتور ادارن ۽ ماڻهن آڏو ڪمزور وفاق نٿو اچي، جڏهن اسانجي حڪومت ھئي ته بي نامي جائيداد جي حوالي سان قانون ٺھيو، هتي جيڪي قانون ٺھيل آھن، اھي ڪجهه ماڻهن لاءِ ٺھيل آھن، وفاق جيڪي خرچ ڪري پيو، ارڙھين ترميم کانپوءِ اھي خرچ وفاق جي ذميواري ناھي، وفاق اهي مامرا صوبن حوالي ڪري، وفاق کان جيڪي صوبن کي وسيلا ملن ٿا، انھن ۾ گھٽتائي نه ٿيڻ گھرجي، اين ايف سي ۾ صوبن کان ضلعي تائين رقم پھچائڻ واري عمل کي ضرور يقيني بڻائڻ گھرجي، پوري ملڪ ۾ صوبن کي فارمولي تحت فنڊ ملن ٿا، صوبو ضلعن ڏانهن ڪيئن رقم منتقل ڪري؟ انھي جو فارمولو جوڙڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو وفاق کان صوبن کي ملندڙ رقم ضلعن کي نٿي ملي،  نامياري معاشي ماھر قيصر بنگالي چيو ته  وسيلن تي ضابطي جو نظام پوري دنيا ۾ آهي، رڳو سنڌ نه پر ٻين صوبن سان به زيادتي ٿئي ٿي، جتي نظام بھتر ھجي ٿو اتي بارگيننگ ٿئي ٿي 1991ع واري پاڻي ٺاھه ڪي خلاف ورزي ٿئي ٿي ته سنڌ گوڙ ڪري ٿي، هن چيو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جو نمائندو ھئس، ان وقت سمورن صوبن کي رضا مندي تحت حصو مليو، وفاق ان وقت چيو ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي ڪٽوتي ٿيندي، اهو وفاق ڀريندو، ارڙھين ترميم کانپوء نان اسٽاپ ڪوشش رھي آھي ته اين ايف سي ايوراڊ  رول بيڪ ٿئي، نائين اين ايف سي ۾ آئون بلوچستان جو نمائندو ھئس، ان وقت وفاقي وزير  ڊويزنل پول مان ست سيڪڙو گھٽائڻ جي ڳالهه ڪئي ته پنجاب مخالفت ڪئي، اين ايف سي ۾ ڪٽوتي تي پنجاب به آواز اٿاريندو رھيو آھي، وفاق کي وڌيڪ پئسن جي ضرورت ھئي، ان ڪري   ليوي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، عدالت چيو ته ھي ڪو ٽيڪس ناھي، انهي ڪري ليوي جا سڀ پئسا وفاق رکي ھن چيو ته وفاق وٽ فوج ۽ سول خرچ وڌي ويا آهن، اهي 10سيڪڙو  من پسند  سيڪٽرز کي مراعتون ڏين ٿا، اسان وٽ 100 ڊالر جي ايڪسپورٽ تي 130 ڊالرن جي امپورٽ آھي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاء قرض کنيو ويو، ھاڻي ته قرضن جو وياج  ڀرڻ لاءِ قرض کڻڻو پوي ٿو، پگھارون به قرض کڻي ڏيون ٿا، دنيا ۾ اسانکي ڪير قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ھاڻي ته آءِ ايم ايف به چوي ٿو ته ٻين کان قرض وٺي اچو، پوءِ اسان  ڏينداسين، اهڙي صورتحال ۾  اسان ڪمرشل قرض کڻون ٿا، جيڪو مھانگا پون ٿا،  اسان جا اثاثا به ڪير نٿو وٺي. اسان  اسٽيل ملز ، پي آءِ اي ۽ ٻيا ادارا وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪير نٿو وٺي، جڏهن ڪو قرض نٿو ڏئي، اثاثا به نٿو وٺي ته پوءِ حڪمران عوام تي ٽيڪس جو ٻوجهه وجھندا، ھاڻي وري مني بجيٽ جون ڳالهيون ھلن ٿيون جنهن ۾ نوان ٽيڪس لڳندا، هن چيو ته ھاڻي چون تا ته تربيلا ڊيم جي تري ۾ سون جي کاڻ آھي، ھن چيو ته اسانکي  ھاڻي روڊن تي اچڻو پوندو ، ھي صرف سنڌ جي جدوجهد ناھي، پنجاب جي عوام ۾ به الاھي ڪاوڙ آھي، جيڪو ظلم بلوچستان ۾ٿئي پيو انھي جو 10 سيڪڙو به اسان تي نٿو ٿئي، اسان کي گڏيل جدوجھد ڪرڻي پوندي، سيمينار کي ايڊووڪيٽ شھاب اوستو ، پروفيسر مشتاق ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.