| 27هين ترميم رد: عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان، فل ڪورٽ ريفرنس گهرايو، ملڪ گير احتجاج جاري رهندو: سکر وڪيل ڪنوينشن |
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ بار ڪائونسل 27هين ترميم کي رد ڪندي عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ميرپورخاص ۾ هفتي اندر ڪنوينشن سڏايو ويو. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اعلان ڪندي چيو ته آئيني عدالتن ۾ سنڌ جو ڪو به وڪيل پيش ٿيندو ته اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سکر وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ، حسيب جمالي، قربان علي ملاڻو، شفقت رحيم راجپوت، سيد جعفر شاهه، اطهر عباس سولنگي، عبدالرحمان ڪورائي، ڪي بي رند ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي 27 هين آئيني ترميم کي رد ڪندي ملڪ گير احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته وڪيل هميشه ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪندا آيا آهن، جڏهن ته نئين تجويز ڪيل ترميمن ۾ واضع بدنيتي شامل آهي، جنهن کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، سموري ملڪ جيان ڪراچي ۽ حيدرآباد کان پوءِ هاڻي سکر جا غيرتمند وڪيل پڻ 27 ھين ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪن ٿا، هن اعلان ڪندي چيو ته سنڌ صوبي ۾ هڪ هفتي لاءِ عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هن مطالبو ته چيف جسٽس آف پاڪستان فل ڪورٽ ڪيس ٻڌڻ لاءِ طلب ڪري ۽ 26هين توڙي 27 هين ترميم جو هڪجهڙو جائزو ورتو وڃي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جا استعيفا واپس وٺي کين فل ڪورٽ بئنچ ۾ شامل ڪيو وڃي، عامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيل گڏ آهن ۽ آئين جي حفاظت لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جاري رکندا،ڪنويشن ۾ بدنظمي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه شرپسند ماڻهن کي موڪليو ويو، پر وڪيلن جي اتحاد کين منتشر ڪري ڇڏيو، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ شفقت رحيم اعلان ڪيو ته عدالتي بائيڪاٽ دوران ڪو به وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، هڪ هفتي جي مهلت کان پوءِ ايندڙ هفتي ميرپورخاص ۾ صوبائي سطح جو وڏو وڪيل ڪنويشن ڪوٺايو ويندو، هن واضح ڪيو ته اسان 27ھين ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، جيڪڏهن ان بنياد تي ٺهندڙ آئيني عدالت ۾ ڪو سنڌ جو وڪيل پيش ٿيو ته ان جي بار ميمبرشپ ختم ڪئي ويندي، ڪنوينشن کي ٻين وڪيلن پڻ خطاب ڪيو.