| 27هين ترميم رد: ملڪ تي آمريت مڙهڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي: ساڃاهه وند |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاري ڪاميٽ پاران سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳوڻي مرڪزي صدر اظھر جتوئي جي 5ھين ورسي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ملھائي وئي، ورسي جي موقعي ڪامريڊ اظھر جتوئي جي خدمتن تي لکيل ڪتاب فرزند سنڌ ڪامريڊ اظھرجتوئي مھورت ڪئي وئي مھورت ۽ ورسي واري تقريب جي صدارت ڪندڙ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ اظھر جتوئي ھارين پورھيتن مزدورن شاگردن وڪيلن جي حقن سميت جمھوريت جي مضبوطي لاء تاريخي جدوجھد ڪئي، ڪامريڊ اظھر جتوئي جي ڪيل جدوجھد کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيوته اسان 27ھين آئيني ترميم کي رد ڪريون ٿا، اسان جمھوريت جي مضبوط چاھيون ٿا اسان چاھيون ٿا ته عدليا آزاد ھجي ھرماڻھو سان ھڪجھڙو انصاف ٿئي اسان پاڪستان ۾ مضبوط جمھوريت ۽ آزاد عدليا چاھيون ٿا اسان چاھيون ٿا ته ھارين پورھيتن مزدورن کي سندن حق ملن انھن سان انصاف ٿئي ھن چيوته آصف علي زرداري ذوالفقارعلي ڀٽو جي 73واري آئين کي دفن ڪري ڇڏيو ۽موجوده وقت ۾ ون يونٽ وارو دؤر لڳو پيو آھي باباء سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي به حق سچ جي راھه تي ھلندي سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏني ۽ حقن لاءِ سچ جوجھنڊو کڻي ميدان ۾ نڪري پيو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سميت حق گھرندڙ ۽ حق سچ جي ڳالھه ڪندڙن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو اڄ به جيڪو سچ حق جي ڳالھه ڪري ٿو ته ان کي جيل ۾ بند ڪيو پيو وڃي، ثمرحيدرجتوئي چيوته اسان چاھيون ٿا ته عدليا ميڊيا آزاد ھجي اڄڪلھ سچ لکڻ ڳالھائڻ تي صحافين اديبن شاعرن دانشورن وڪيلن سميت سماجي اڳواڻن انساني حقن جي اڳواڻن کي حراسان ڪيو وڃي ٿو، ھن چيوته اسان سڀ جمھوريت انصاف جي ڳالھه ڪندڙ آھيون . ھن چيوته هين27آئيني ترميم بابت عوام کان راءِ وٺڻ تمام ضروري آھي، جيڪڏھن عوام پنھنجي راءِ ڏئي ٿوته ان کي ٻڌو وڃي، ھن چيوته سڀني کي بنيادي حق ملڻ گھرجن ھن چيوته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌھاري ڪاميٽي غريب ھارين پورھيتن جي پارٽي آھي. سماجي اڳواڻ جميلا صالح بلو خطاب ڪندي چيوته اسان ڪامريڊ اظھرجتوئي جي جدوجھد کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا سنڌ ھاري ڪاميٽي جي تحريڪ کي سلام پيش ڪريون ٿا گلوڪار مختيار علي وڪو ڪامريڊ اظھر جتوئي کي ڀيٽاڏيندي گيت ڳائي ڀرپور ڀيٽا ڏني اديب شاعر سيئنرصحافي سخي غلام حسين خاصخيلي پروفيسر وجودعلي شر جبار باغي طالب جکرو ۽ٻين خطاب ڪيو . ڪامريڊ اظھر جتوئي تي ترتيب ڏنل ڪتاب ڪامريڊ اظھر جتوئي جون خدمتون ڪتاب جي مھورت سنڌھاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدرجتوئي انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو اديب شاعرسيئنرصحافي سخي غلام حسين خاصخيلي بدرچنا تاج مري گڏجي ڪيو .تقريب ۾ ٺھراء پاس ڪندي 27آئيني ترميم کي رد ڪندي چيوويوته 27 آئيني ترميم کي ملڪ مٿان آمريت مڙھڻ جومنصوبو سمجھندي ان کي رد ڪريون ٿا سنڌجي وجود کي ڪنھن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏنوويندو سنڌھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ ڌرتي آھي سنڌجي ھارين کي غلامي جي پنجوڙمان آزاد ڪرائڻ لاء سنڌجي ھارين کي گھر ۽زمين جومالڪ بڻايووڃي ھي ميڙ گھر ڪري ٿو ته سنڌ۾ نوان صوبا ڪنھن به صورت ۾ نه ٺھڻ گھرجن ھاري ڪارڊ جي ورھاست صحيح نموني سان ڪئي وڃي زرعي دوائن ڀاڻ جا اگھ گھٽ ڪياوڃن وڪيلن جي ھلندڙ احتجاجي تحريڪ جي مڪمل حمايت جواعلان ڪريون ٿا سپريم ڪورٽ کي سياسي بنائڻ ۽ان ۾ سياسي مداخلت ڪرڻ قابل افسوس عمل آھي گھرڪريون ٿاته ملڪي ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار رکيو وڃي.