| 27هين ترميم رد: چيف کي 8 ڏينهن مهلت ڏيون ٿا ته خاص عدالتون جوڙي درخواستون ٻڌي: عامر وڙائچ |
جيڪب آباد/ڪنڌڪوٽ(نمائندن وٽان) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر 27هين آئيني ترميم کي غير آئيني ۽ غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ بار ڪائونسل جي صدارتي چونڊن لاءِ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڪيل حسيب جمالي عامر نواز وڙائچ ڪي بي لغاري پنهنجي وڪيل دوستن سان گڏجي جيڪب آباد بار پهتا. هنن سنڌ بار ڪائونسل جي صدارتي چونڊ لاءِ حسيب جمالي جي حمايت ۽ ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ان موقعي تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 27هين آئيني ترميم غير آئيني ۽ غير شرعي آهي جنهن آئين جو جنازو ڪڍيو آهي، هن چيو ته عدالتن ۾ بائيڪاٽ ڪري عدالتي ڪاروهنوار معطل ڪري تحريڪ جو آغاز شروع ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي 8 ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا ته هو ان معاملي تي خاص عدالتون قائم ڪيون وڃن، چيف جسٽس کان گھر ڪيون ٿا ته آئيني ترميم بابت عام ماڻھن کان درخواستون ورتيون وڃن اسان جي هاڻ به ڪوشش آهي ته معاملو جوڊيشري تحت حل ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته جن پارٽين 27هين ترميم آندي انهن غلامي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي سوچي رهيا آهن ته 27هين ترميم آڻڻ سان انهن کي فائدو ٿيندو اها سندن ڀل آهي، جنھن جج کي آڻيندا اهو ئي انهن کي سزا ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف مٿي سان ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، باقي جيڪي نتيجا نڪرندا انهن جي ڪابه پرواهه ناهي حڪومت 27هين ترميم کان پوءِ 28هين ترميم آڻڻ جي ڪوشش ۾ آهي جيئن صوبن کي ٽوڙي يونٽن ۾ ورهايو وڃي اها سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آهي جيڪا ڪنهن به ريت ٿيڻ نه ڏينداسين وڪيلن جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي ملڪ جا سڀ وڪيل گڏ آهيون اسان کي تحريڪ ۾ سوڀ ملندي. ٻئي پاسي عامر نواز وڙائچ ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ بار پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، بار کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻوله ڪندي هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ناهي، مفاد پرست ٽولو آهي، جيڪي مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. 27هين آئين ترميم ڪهڙي به صورت ۾ قابل قبول ناهي، ترميم خلاف تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جيتري تائين ترميم واپس نه ورتي ويندي خاموش نه ويهنداسين. سنڌ جو شعور وند ماڻهو 27هين آئيني ترميم خلاف اٿي بيهندو. رياست جي ظلم ۽ گم ٿيل ماڻهن جي لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي انصاف جي ضرورت آهي. ججن جي مقرري سياسي ٿي رهي آهي، ڪانسٽيٽيوشنل بينچ ئي الڳ ڪئي وئي آهي، اتي اهو ويهندو جنهن کي وزيراعظم مقرر ڪندو، اهو ماڻهن کي ڪهڙو انصاف ڏيندو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته 28هين آئيني ترميم ۾ پوري ملڪ ۾ ٻانهن صوبا ٺاهيا ويندا، جنهن ۾ سنڌ کي ٽن صوبن ۾ تقسيم ڪيو ويندو. سياستدان کي به خبر نه هوندي آهي، انهن کي رڳو چيو ويندو آهي ته هتي صحيح ڪيو، هو ڊڪٽيشن کي فالو ڪندا آهن. وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري ۽ حسيب جمالي پڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي 27هين آئين ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل پاران منعقد ٿيل تقريب ۾ وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي عبدالغني بجاراڻي، فياض علي بجاراڻي، اسد محمود سبزوئي ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن خطاب ڪيو.