27هين ترميم سان عدالتي بالادستي قائم ٿيندي: ناصر شاهه

27هين ترميم سان عدالتي بالادستي قائم ٿيندي: ناصر شاهه

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه گذريل سوڪ سينٽر حيدرآباد ۾ ريجنل ڊائريڪٽر سندهه بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد جي آفيس ۾ “آٽو ميٽيڊسنگل ونڊو فيسلٽي حيدرآباد چيپٽر” جو افتتاح ڪيو_ ان موقعي تي صوبائي وزير خطاب ڪندي چيو ته اهڙوخود ڪار نظام ڪراچي بعد حيدرآباد ريجن ۾ شرع ڪيو ويو آهي،  ميڊيا سان  ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته پي پي پاڪستان ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ سڀني سان مشاورت جي ذريعي اڳيان وڌڻ تي يقين رکي ٿي _ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 26 هين ۽ 27 هين ترميم لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي تمام جماعتن سان مشاورت ڪئي _ هن چيو ته آئيني عدالتن ۾ هاڻي چئني صوبن جي نمائندگي هوندي جنهن سان عدالتي بالادستي قائم ٿيندي