| 27هين ترميم صوبن جا حق محدود ڪرڻ جي سازش آهي: راشد محمود |
ڀٽ شاھه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ۾ جمعيت علماءَ اسلام پاران سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ان دوران علامه راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي زندگي انسانيت لاءِ مڪمل رهنمائي آهي ۽ اڄ امت کي پيش ايندڙ سڀني مسئلن جو واحد حل سيرت طيبه تي عمل ڪرڻ ۾ لڪل آهي. مولانا سومرو چيو ته رسول الله ﷺ جي تعليمات امن، ڀائچاري، محبت ۽ انصاف جو پيغام ڏين ٿيون، پر افسوس آهي ته اڄ امت انتشار ۽ اختلافن ۾ ورهايل آهي، هن زور ڏنو ته اختلاف ختم ڪرڻ بنا ملڪ ۾ استحڪام ۽ ترقي ممڪن ناهي. خطاب دوران مولانا سومرو 27هين آئيني ترميم تي جميعت علماءَ اسلام جو واضح موقف پيش ڪندي چيو ته هي ترميم “صوبن جا حق محدود ڪرڻ ۽ انهن کي ڌڪي واپس وٺڻ جي سازش” آهي، هن اعلان ڪيو ته جي يو آءِ هن ترميم خلاف پارليامينٽ کان وٺي هر فورم تي جدوجهد، احتجاج ۽ سياسي مزاحمت جاري رکندي، مولانا سومرو پنهنجي خطاب ۾ سنڌ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته “سنڌ ۾ بدانتظامي، ناانصافي، ڪرپشن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ سستي سبب عوام شديد تڪليفن جو شڪار آهي” هن چيو ته سنڌ جي عوام کي جائز حقن کان محروم رکڻ ظلم آهي، ۽ جميعت علماءَ اسلام هر فورم تي سنڌ حڪومت جي نااهلي خلاف آواز بلند ڪندي رهندي، مولانا سومرو نوجوان نسل جي ذميواري تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ جي روشن تعليمات کان واقف ڪرائڻ وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي، هن عوام کي ايو ته فرقيواريت، نفرت ۽ سياسي ڏڦيڙ ڇڏي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ متحد ٿي ڪم ڪيو، شرڪت ڪندڙن جي ڀرپور پذيرائي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن سیرت النبي ﷺ جي روشني ۾ اتحاد، اتفاق ۽ سماجي-سياسي چيلينجن خلاف گڏجي اڳتي وڌڻ جو عزم ڪيو.