| 27هين ترميم نامنظور، جمهوريت زندهه باد: اپوزيشن اتحاد نعرو هڻي ڇڏيو، اڄ کان ملڪگير تحريڪ ۽ حڪمرانن جي رستا روڪ جو اعلان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ ۽ حڪمرانن جي رستا روڪ جو اعلان ڪندي 27هين ترميم نامنظور ۽ جمهوريت زندهه باد جو نعرو لڳائي ڇڏيو، اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 27هين ترميم خلاف سڄي قوم اٿي بيهي. غرور ۾ ورتل حڪمرانن جي رستاروڪ ڪئي ويندي. محمود خان اچڪزئي چيو ته مون کان آئين جي تحفظ جو حلف ورتو ويو آهي، عوام به پڇي رهيو آهي ته تحريڪ ڪڏهن شروع ٿيندي، جهڙي ريت اهي آئين جا بنياد لوڏي رهيا آهن، تحريڪ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو. هن چيو ته اسان جي تحريڪ جو هڪ ئي نعرو هوندو جمهوريت زنده آباد آمريت مرده آباد، اسان جو ٻيو نعرو قيدين جي آزادي بابت هوندو، اسان ٻڌائينداسين ته جيڪو عوام چاهيندو ائين ئي ٿيندو، اسان ٻڌائينداسين ته آئين بالادست، پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هوندو، علامه راجا ناصر عباس 27 هين ترميم کي ملڪ جي وحدت تي حملو قرار ڏيندي چيو ته هن ترميم سان ملڪ جي سالميت کي خطرو آهي، آئين ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف کي ان ڪري رکيو ويو، جو اهو عهدو سڄي دنيا ۾ موجود آهي، اسان وٽ آرمي چيف کي طاقتور بڻايو ويو، اسان جا سمورا ادارا مفلوج ٿي چڪا آهن، اسان کي زبردستي ويهاري ٻن ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي ٿو، اهڙي قسم جي قانونسازي سان آئين تڪراري بڻجي ويندو، اسان کان ترميمون ڇو لڪايون ويون؟ اسان کي ترميمن ذريعي فرعون نه بڻائڻ گهرجن، اسان انهن ترميمن ۽ طريقيڪار کي نه ٿا مڃون، اتفاق راءِ پيدا ڪري ترميم آڻيو.