27ڊسمبر: بالي ووڊ جو ٽيون خان سلمان به 60 سالن جو ٿيندو

27ڊسمبر: بالي ووڊ جو ٽيون خان سلمان به 60 سالن جو ٿيندو

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) 2025ع ۾ شاهه رخ خان ۽ عامر خان کانپوءِ بالي ووڊ جو ٽيون خان سلمان خان به 60 سالن جو ٿيڻ وارو آهي. سلو ڀائي 27 ڊسمبر تي پنهنجي 60 هين سالگرهه ملهائڻ وارو آهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سندس سالگرهه جي حوالي سان اڃا تائين ڪنهن به شاندار تقريب جو اعلان ناهي ٿيو، واضح رهي ته سلمان خان هيل پنهنجي فٽنيس ۽ انداز سان سوشل ميڊيا تي مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي. هن جم ۾ ورتل ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو آهي ته هوءَ 60 سالن جي عمر ۾ به اهڙو نظر ايندو.