27ھين ترميم سان جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو: اياز لطيف

  27ھين ترميم سان جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو: اياز لطيف

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي امڪاني حملي، ارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات خلاف اڄ ٿاڻو بولا خان ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي محبت سنڌ پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. ھن چيو آھي ته 27ھين ترميم سان جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو. سول سپروميسي کي ختم ڪيو ويندو. لوڪل باڊيز کي وفاقي حوالي ڪري نئون ون يونٽ قائم ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي جمھوريت جي پٺ ۾ خنجر ھڻي رھي آھي. سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا وڪڻي بلاول کي ايندڙ وزيراعظم بڻايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته عدالتن جا اختيار کسيندڙ 26ترميم کانپوءِ 27ھين ترميم سنڌ ۽ ملڪ تي قاتلاڻو حملو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري آخري حد تائين وڃي سگھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته ناڻي ورڇ وسيلن جي بنياد تي ڪرڻ گھرجي. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن پر آبادي جي بنياد تي ناڻي ورڇ ڪري سنڌ جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جي دولت تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ھن چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جي آھي. سنڌ جي زمين ۾ پوريل خزانه تيل، گئس، پيٽرول، ڪوئلو سڀ سنڌ جا آھن اسين مالڪ آهيون. اياز لطيف پليجي چيو ته آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا به دلچسپي ۽ محبت ناهي. هي سوداگر آهن. ھنن کي صرف اقتدار کپي. سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻ ھنن مان جان ڇڏائڻي پوندي.