27 آئيني ترميم خاص طبقي جي تحفظ لاءِ آندي وئي: ام رباب

27 آئيني ترميم خاص طبقي جي تحفظ لاءِ آندي وئي: ام رباب

دادو(رپورٽر) امِ رباب چانڊيو چيو آهي ته 27 آئيني ترميم مخصوص طبقي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آندي وئي آهي، جيڪا عدالتي نظام تي 80 سيڪڙو سوال اٿاري ٿي، ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته مظلومن جي نظر هميشه عدالتن تي هوندي آهي، پر جيڪڏهن عدالتي نظام مضبوط نه ٿيو ته مظلوم کي انصاف نه ملندو. ام رباب چانڊيو چيو ته ترميم سبب مظلوم طبقي ۾ مايوسي پيدا ٿيندي، جڏهن ته اميد آهي ته عدالتون وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به سزا ڏينديون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي خدشا ترميم مان پيدا ٿين ٿا، انهن خلاف احتجاج ضروري آهي ۽ هو وڪيل برادري جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي سنڌ بار ڪائونسل طرفان 27 آئيني ترميم جي مخالفت ۾ اعلانيل هڙتال سبب وڪيلن اڄ عدالت جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن ڪري قتل ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.