| 27 ارب جي سولر انرجي پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن ٿي آهي: جماعت اسلامي |
عمرڪوٽ(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سھيل احمد شارق ضلعي عھديدارن ملڪ محمد اعجاز محمد حنيف علي حيدر شاھ ۽ ڊاڪٽر سرفراز علي سان گڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ حڪومت 17 سالن دوران ڪرپشن لاقانونيت ۽ ڦرلٽ کانسواء عوام کي ڪجھ به ناھي ڏنو گئس پئٽرول ڪوئلي جھڙي معدنيات رکندڙ سنڌ ۾ 44 سيڪڙو عوام گئس ۽ 30 سيڪڙو بجلي سھولت کان محروم آھي سنڌ جا 78 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر آھن27 ارب جي سولر انرجي پراجيڪٽ ۾ مبينه ڪرپشن ڪئي وئي آھي سنڌ ۾ اھڙي انياء خلاف عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ته جيئن ڪرپٽ حڪمرانن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.