27 ترميم هڪ طرفي هئي، دفاعي لحاظ سان پاڪستان جي پوزيشن سٺي ناهي: مولانا فضل الرحمان

  27 ترميم هڪ طرفي هئي، دفاعي لحاظ سان پاڪستان جي پوزيشن سٺي ناهي: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ملڪ جي مذھبي عالمن 18 سالن کان گھٽ عمر واري شادي تي پابندي ۽ ٽرانسجينڊر رائٽس (کدڙن فقيرن ) بل کي غير اسلامي قرار ڏئي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪالهھ هتي “مجلس اتحاد امت پاڪستان” جي عنوان ھيٺ ٿيل مشاورتي علمي اجتماع کي خطاب ڪندي برک عالم  مفتي تقي عثماني چيو ته ملڪ ۾ اسلامي نظام کي آئين تحت نافذ ڪيو وڃي ، جڏهن ته شرعي عدالتون قائم ڪيون وڃن، وياج جي خاتمي بعد اسلامي بينڪاري نظام لاڳو ڪيووڃي،  ھن چيو ته 27 آئيني ترميم تحت حڪمرانن کي ڏنل استثنيٰ کي ختم ڪري  18 سالن کان گھٽ عمر جي شادي تي لاڳو ڪيل پابندي ختم ڪئي وڃي،سرڪار  ٽرانسجينڊر وارو قانون واپس وٺي،  ديني مدرسن کي وفاقي تعليمي وزارت جي ماتحت ڪرڻ وارو فيصلو واپس ڪيو وڃي.  جي يو آءِ جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو ته27هين ترميم متفقه نه هئي، اُنهي لاءِ جبر سان اڪثريت حاصل ڪئي وئي، اسان دفاعي قوتن کي دفاع جي حوالي سان مضبوط ڏسڻ گهرون ٿا، دفاعي لحاظ سان پاڪستان جي پوزيشن سٺي ناهي،  هن چيو ته مدرسن جو خاتمو قبول ناهي، ملڪ ۾ هڪجهڙي نصاب تي ڳالهائي سگهجي ٿو، اسان کي آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جو احترام ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته دهستگردي افغانستان 78 سالن ۾ ڪڏهن به پاڪستان جو دوست نه ٿيو آهي، ڇا اها اسان جي افغان پاليسي جي ناڪامي ته ناهي؟ افغانستان ۾ اشرف غني تائين ڪڏهن به پاڪستان دوست حڪومت نه آئي، افغان مهاجر مهمانن کي ترسائڻ بعد ڌِڪي ڪڍيو وڃي ته ڇا اها مهمان نوازي هوندي، افغان مهاجر افغانستان ۽ پاڪستان جو ٻطرفو مسئلو آهن، سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا پيرا افغانستان وڃن ٿا، پاڪستان معاشي بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش رهيو آهي، افغان حڪومت کي گهرجي ته دهشتگردي کان لاتعلقي ظاهر ڪري